واشنگٽن-31 آگسٽ (اي پي پي) آءِ ايم ايف چي?? آهي ته ماحولياتي تبديليءَ سان سڄي دنيا جي ڪمزور ملڪن ۾ تڪرار وڌڻ ۽ فوتگين ۾ واڌ جو خطرو آهي. آءِ ايم ايف جاري پنهنجي رپورٽ ۾ چي?? آهي ته جيتوڻيڪ صرف ماحولياتي تبديلي ئي نئين بدامني کي جنم نٿي ڏئي سگهي پر هو نمايان طور ٽڪراءُ کي وڌ??ڪ هوا ڏئي سگهي ٿي جنهن سان غربت، بُک ۽ لڏپلاڻ جهڙا مسئلا ۽ پيچيده ٿي سگهن ٿا. رپورٽ ۾ چي?? ويو آهي ته 2060ع تائين مبينه ڪمزور ۽ ٽڪراءُ کان متاثر رياستون (ايف سي ايس) ۾ تڪرارن سبب ٿيل فوتگين ۾ 8.5 سيڪڙو اضافو ٿي سگهي ٿو، جڏهن ته گرمي پد ۾ انتهائي واڌ وارن ملڪن ۾ ٿيل فوتگيون 14 سيڪڙو تائين وڌ?? سگهن ٿيون. ورلڊ بئنڪ جي درجه بنديءَ مطابق 39 ملڪن ۾ تقريبن هڪ ارب ماڻهو رهن ٿا ۽ دنيا جي 43 سيڪڙو آبادي ايف سي ايس جي دائري ۾ اچن ٿا. انهن ملڪن ۾ اڌ کان وڌ??ڪ آفريقي ملڪ آهن جيڪي ماحولياتي تبديلين جي غير مناسب بار جو شڪار آهن. آءِ ايم ايف خبردار ڪيو آهي ته انهن ملڪن ۾ 2060ع تائين 50 ملين کان وڌ??ڪ ماڻهو خوراڪ جي کوٽ، پيداوار ۽ اناج جي قيمتن ۾ واڌ سبب بُک جو شڪار ٿي سگهن ٿا. اداري چي?? آهي ته ماحولياتي تبديلين جي نتيجي ۾ ٿيندڙ معاشي نقصان ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ ڪمزور ملڪن ۾ وڌ??ڪ شديد ۽ مستقل ٿيندا آهن. آءِ ايم ايف هڪ ڌار بيان ۾ چي?? آهي ته تمام ضروري آهي ته ايندڙ هفتي ڪينيا ۾ ٿيندڙ پهرين آفريقي ماحولياتي سربراهي اجلاس ۾ جمع ٿيندڙ اڳواڻ ڪمزور ملڪن کي درپيش مسئلن جو حل تلاش ڪن. آءِ ايم ايف پنهنجي بلاگ ۾ لکيو آهي ته هر سال ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ ڪمزور رياستن ۾ قدرتي آفتن مان ٽيڻ تي ماڻهو متاثر ٿي سگهن ٿا. ڪمزور رياستن ۾ ايندڙ آفتون ٻين ملڪن جي آبادي ٻيڻ تي وڌ??ڪ خطي کي بي گهر ڪنديون آهن. آءِ ايم ايف چي?? ته 2040ع تائين انهن ملڪن کي سال ۾ 61 ڏينهن سراسري طور 35 ڊگري سينٽي گريڊ کان وڌيڪ ??رمي پد جو مُنهن ڏسڻو پئجي سگهي ٿو. جيڪو ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ 4 ڀيرا وڌ??ڪ آهي. انتهائي گرمي ۽ ان سان ماحولياتي تبديليءَ جا اثر انساني صحت کي خطري ۾ وجهي سگهن ٿا ۽ ان سان زراعت، تعميرات جهڙن اهم شعبن ۾ پيداواري صلاحيت ۽ ??لا??متن کي نقصان پهچندو.