اسلام آباد – 18 ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان تحريڪ انصاف جي ڪور ڪميٽي اڳوڻي صدر جنرل (ر) پرويز مشرف جي خلاف عدالتي فيصلي، مريم نواز کي پرڏيهي ملڪ وڃڻ لاءِ اي سي ايل مان نالو ڪڍڻ جي معام??ي تي جائزو وٺندي ان عزم جو اظهار ڪيو ته حڪومت ۽ پي ٽي آءِ قانو?? جي ب??لا??ستي ۽ قانو?? جي هڪجهڙي لاڳو سان گڏ بيٺل آهي، پاڪستان جا ادارا رياست جا ٿنڀ آهن، رياست جو مفاد هر حال ۾ اهم ۽ مٿانهون آهي، اسان کي پنهنجي ادارن کي سگهه ڏيڻي ۽ بااختيار بڻائڻو آهي، آرمي چيف جي توسيع جي معام??ي تي پارلياماني ڪميٽي ۽ قانوني ڪميٽي جي مشاورت کانپوءِ حتمي فيصلو ڪيو ويندو ته حڪومت ان معام??ي تي اپيل ۾ وڃي ٿي يا پارليامينٽ مان منظوري ورتي وڃي ٿي. اهڙن خيالن جو اظهار وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ وزيراعظم عمران خا?? جي صدارت ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي ڪور ڪميٽي جي اجلاس کانپوءِ ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي ڪيو.