ڪوالالمپور – 04 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان ۽ ڀارت گڏجي پنهنجي عوام کي غربت مان ڪڍي ترقي جون منزلون طئي ڪري سگهن ٿا، ڀارتي حڪومت غربت مان ڇوٽڪ??رو حاصل ڪرڻ چاهي ٿي ته پاڪستان هٿ مل??ئڻ جي لاءِ تيار آهي، ڀارت ??نتهاپسند نظريي تي عمل ڪري رهيو آهي، ڀارت ۾ مسلمانن سان جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي دنيا ڏسي رهي آهي، جيڪو هڪ وڏي الميي جو سبب بڻجي سگهي ٿو، ڀارت ۾ مسلمانن کي تاريخ جي بدترين سلوڪ کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. انسٽيٽيوٽ آف ايڊوانس اسلامڪ ??سٽ??يز ۾ اهم خطاب کانپوءِ ش??ڪت ڪندڙن جي سوالن جا جواب ڏيندي وزيراعظم چيو ته اڳواڻ اهو هوندو آهي جنهن جو ڪو نظريو هوندو آهي ۽ اهو پنهنجي موقف تي قائم رهندو آهي.