اسلام آباد – 25 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ملڪ ۾ ڪپهه جي بحالي ۽ ان شعبي ۾ ملڪي صل??حيت مان ڀرپور فائدو کڻڻ جي حوالي سان سمورين لاڳاپيل ڌرين جي وچ ۾ م??جو?? اتفاق راءِ تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ڪپهه جي بحالي سان آبادگار ۽ ٽيڪسٽائيل جي شعبي کي فائدو ٿيندو جنهن جي نتيجي ۾ ملڪي معيشت ۾ بهتري ايندي، وزيراعظم چيو ته هڪ زرعي ملڪ ه??ڻ جي ناتي زرعي شعبي ۾ ريسرچ جو فروغ وقت جي اهم ??رو??ت آهي، وزيراعظم چيو ته حڪومت پاران نيشنل ايگريڪلچر ايمرجنسي پروگرام جو مقصد زرعي شعبي کي درپيش مسئلن کي ختم ڪندي جديد ٽيڪنالاجي جي فروغ ۽ پيداوار ۾ اضافي کي يقيني بڻائڻ آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ملڪ ۾ ڪپهه جي بحالي جي حوالي سان اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو.