اسلام آباد – 03 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عم??ان خان شيخوپوره جي ويجهو ريلوي ڪراسنگ تي ٿيندڙ ??ادثي تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي جنهن جي نتيجي ۾ ننڪانه صاحب کان واپس ايندڙ ??ک ياترين سميت گهٽ ۾ گهٽ 20 ماڻهو فوت ٿيا، پنهنجي ٽوئيٽ پيغام ۾ وزيراعظم عم??ان خان چيو ته ان حادثي تي تمام گهڻو ڏک ٿيو، وزيراعظم چيو ته هن زخمين جي بهترين علاج لاءِ حڪم ڏئي ڇڏيا آهن?? هن حادثي ۾ فوت ٿيندڙن جي پوئينرن سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو.