اسلام آباد – 05 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ??و اڄ استحصال ڏهاڙي جي موقعي تي ڪشميرين سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي اسيمبلي کي خطاب ڪندو. ٽوئيٽر تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم عمران خان چيو ته گذريل سال 5 آگسٽ جي غيرقانوني قدمن کانپوءِ ڪشميرين کي ڀارت جي هٿان ظالماڻي فوجي گهيراءُ درپيش آهي جڏهن ته ??الاريل واديءَ ۾ آبادي جي تناسب ۾ تبديلي جون ڪ??شش??ن پڻ جاري آهن. وزيراعظم چيو ته ??ندستان والاريل ڄمون ۽ ڪشمير تي غيرقانوني قبضي ذريعي جن ڪشميرين جو آواز دٻائڻ جي ڪوشش ڪئي آئون بطور سفير انهن سڀني جو آواز بڻجندو رهندس.