اسلام آباد – 26 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فرا?? ۽ ??ومي غذائي تحفظ واري وفاقي وزير سيد فخر امام چيو آهي ته درآمد ٿيل ڪڻڪ جي 66 هزار ٽن جي ??هرين کيپ ڪراچي ۾لنگر انداز ٿي وئي آهي، درآمدي ڪڻڪ مارڪيٽ ۾ پهچڻ کان پهرين ئي قيمتن ۾ سئو کان ڏيڍ سئو روپين تائين گهٽتائي اچي وئي آهي، سيپٽمبر تائين 4 لک 88 هزار ٽن جا چار جهاز پاڪستان پهچي ويندا جنهن کانپوءِ مارڪيٽ ۾ قيمتون مستحڪم ٿي وينديون، مستقبل ۾ ان بحراني ڪيفيت کان بچڻ لاءِ، ننڍي، ڊ??هي ۽ وچولي مدي واري حڪمت عملي هينئر کان اختيار ڪرڻ شروع ڪري ڇڏي آهي، معياري ۽ خالص ٻجن جي ??شان??هي جو آغاز ٿي ويو آهي، جنهن جي ??شان??هي بروقت ڪئي ويندي ته جئين دهان، ڪڻڪ، ڪمند، مڪئي ۽ ڪپهه جي ??يداوار ۾ اضافو ڪري سگهجي، اهڙن خيالن جو ا??ها?? ٻنهي وفاقي وزيرن پي آءِ ڊي ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته درآمد ڪڻڪ جي ??هرين کيپ ڪراچي ۾ لنگر انداز ٿي وئي آهي ايندڙ ٻن ڏينهن ۾ وڌيڪ ڪڻڪ پهچي ويندي، درآمدي ڪڻڪ مارڪيٽ ۾ پهچڻ کان اڳ ئي قيمتن ۾ لاٿ اچڻ شروع ٿي وئي آهي، وزيراعظم عمران خان کاڌي پيتي جي شين خاص ??ور تي اٽي ۽ کنڊ جي ??يمتن ۾ لاٿ لاءِ مسلسل ڪوششون ڪري رهيو آهي، ذخيره اندوزن جي خلاف ڪارروائي عمل ۾ آندي ويندي، جنهن هٿرادو بحران پيدا ڪري قيمتن ۾ اضافو ڪيو ۽ عوام سڌو سنئون متاثر ٿي، ڪووڊ هجي ??ا ڪا ٻي بحراني صورتحال سنڌ حڪومت سدائين مسئلن تي سياست ڪئي آهي ۽ پنهنجي ??اهلي ۽ بدعنواني کي لڪائڻ لاءِ ان جو الزام وفاق تي لاڳو ڪيو، وفاق 14 کرب کان وڌيڪ جيڪي فنڊ سنڌ کي ڏنا، اهي ڪٿي لڳايا ويا انهن جو جواب ڏيڻو پوندو، سنڌ جي شهري علائقن کانسواءِ ٻهراڙي جي صورتحال خراب آهي، هن لاڙڪاڻي کي ڪراچي بڻائڻ بدران ڪراچي کي لاڙڪاڻو بڻائي ڇڏيو، سنڌ جا حڪمران بي نقاب ٿي رهيا آهن، نواز شريف جن ڪيسن ۾ گهربل آهي جنهن عرصي لاءِ کيس ضمانت ڏني وئي هئي هن قانون کي سرِعام مذاق اڏايو ۽ لنڊن جي کلي فضائن ۾ ڪافي پئي رهيو آهي، کيس واپس آڻڻ لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آندا ويندا.