اسلام آباد – 06 – جنوري (اي پي پي) سينيٽ هائوس ڪميٽي جو ??جلاس سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين سينيٽر سليم مانڊوي والا جي صدارت ۾ پارليامينٽ لاجز ۾ ٿيو، جنهن ۾ گذريل اجلاس ۾ ڏنل سفارشن تي عملدرآمد، پارليامينٽ جي لاجز جي روزمره جي تعمير ۽ مرمت ۽ اضافي بلاڪن جي حوالي سان سي ڊي اي ۽ لاڳاپيل ادا??ن تفصيلي بريفنگ ڏني. سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين چيو ??ه پارليامينٽ لاجز جي اضافي بلاڪ جي تعمير ۾ تمام گهڻي دير ٿي چڪي آهي ۽ سڀئي ادارا گڏيل رابطاڪاري جي ذريعي مسئلن کي حل ڪن ۽ ان ڳالهه کي يقيني بڻائين ته اضافي بلاڪس ۾ انتظامي سطح تي مسئلا پيدا نه ٿيندا ۽ سڀني سهولتن جي فراهمي کي يقيني بڻايو ويندو. ڪجهه ڪميٽي جي ميمبرن سي ڊي اي عملدارن پاران پارليامينٽ لاجز جي تعمير ۽ مرمت تي دير تي ڳڻتي جو ??ظهار ڪيو ۽ چيو ??ه پارليامينٽ لاجز ۾ مقرر سي ڊي اي جي عملي کي با?? بار مسئلن جي حل لاءِ چيو ويو پر اڃا تائين مسئلا جيئن جو ??يئن آهن ڪا اڳڀرائي ناهي ٿي رهي.