ڪراچي – 05 جون (اي پي پي) ماحوليات جي عالمي ڏهاڙو هر سال گڏيل قوم?? جي انتظام هيٺ صحت مند ۽ سرسبز ماحول جي اهميت جي باري ۾ آگاهي اجاگر ڪرڻ لاءِ ملهايو ويندو آهي، ان جو مقصد اهڙا ماحولياتي قدمن کي اجاگر ڪرڻ آهي جنه?? جي ذريعي موجوده ۽ خاص طور تي ايندڙ نسل?? جي زندگي جي معيار کي بهتر ??ڻائي سگهجي، هن سال ماحول جي عالمي ڏهاڙي جو موضوع ”ماحولياتي نظام جي بحالي“ آهي جنه?? جي پوري انسانيت فڪرمند آهي، ماحولياتي نظام جي بحالي مان مراد اهو آهي ته جبل?? جي چوٽين کان وٺي سمنڊ جي تري تائين ڏٺو ويندڙ ٻوٽن ۽ جانورن کي ختم ٿيڻ جي ڏاڪي کان واپس آندو وڃي، ان حقيقت کان به انڪار نٿو ڪري سگهجي ته ماحولياتي نظام جي بحالي هڪ گڏيل عالمي ذميداري آهي جنه?? جي لاءِ وڏي پئماني تي جدوجهد جي ضرورت آهي، پاڪ بحريه ماحول جو عالمي ڏينهن تسلسل سان ملهائيندي آهي ته جئين ماحولاياتي نظام جي اهمي?? کي اجاگر ڪرڻ سان گڏوگڏ ماڻهن ۾ خاص طور تي آبي ماحول جي حوالي سان آگاهي کي فروغ ڏئي سگهجي، هن سال ڪورو??ا وائرس جي وبا جي احتياطي تدبيرن کي نظر ۾ رکندي اهڙين تقريبن جو انعقاد نه ڪيو ويو جنهن ۾ وڌيڪ ماڻه?? جي شرڪت هجي تنهن هوندي به پنهنجي پختي ??زم جي اظهار سان ماحوليات بابگ آگاهي کي فروغ ڏيڻ لاءِ ميڊيا کي ڀرپور طريقي سان استعمال ڪيو پيو وڃي، پاڪ بحريه جي اهلڪارن طرفان هر ڀيري صفائي کانسواءِ پاڪ بحريه جي يونٽس ۽ رهائشي علائقن ۾ ماحولياتي نظام?? جي بحالي جي قدم?? جي حوالي سان پوسٽر ۽ بينرز لڳايا ويا ۽ ڪتابچه ورهايا ويا. نيشنل انسٽيٽيوٽ آف ميري ٽائيم افيئرز جي اهتمام هيٺ آبي ماحول جي تحفظ ۽ بحالي جي اهمي?? کي اجاگر ڪرڻ لاءِ هڪ سيمينار جو اهتمام به ڪيو ويو. آگاهي مهم کانسواءِ پاڪ بحريه جي اهتمام هيٺ مينگروز ۽ وڻڪاري جون مهمون پهرين کان جاري آهن جنهن تحت ساحلي علائقن ۾ 70 لک کان وڌيڪ مينگروز ۽ ملڪ جي ٻين حصن ۾ 20 لک کان وڌيڪ ٻوٽا حڪومت جي ”وڻ پوکيو پاڪستا?? جي لاءِ“ نظريي موجب پوکيا ويا آهن، پاڪ بحريه محفوظ بحري ماحول ۽ صاف سٿري سمنڊ?? جي لاءِ سدائين ڪوشان آهي، امير البحر ايڊمرل محمد امجد خان نيازي ماحوليات جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ پاڪ بحريه جي ان ??زم جو ورجاءُ ڪيو ته ماحول جي بهتري خاص طور تي آبي ماحول جي بهتري جي لاءِ سمورا قدم استعمال ۾ آندا ويندا، هن پنهنجي قيادت ۾ پاڪ بحريه جي سمورن آفيسرن ۽ جوانن کي هدايت ڪئي ته هو ان رخ ۾ پنهنجون ڪوششون هر وقت جاري رکن.