اسلام آباد – 14 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت گئس ۽ معدنيات ج?? شعبن تي ڌيان ڏيڻ کانسواءِ ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستانين کي معيشت جي ترجيح?? شعبن ۾ سيڙپڪاري جي ترغيب ڏئي رهي آهي، سيڙپڪارن کي متوجهه ڪرڻ لاءِ سڌارن جي عمل کي تيز ڪيو وڃي، سرڪاري ملڪيتي ڪاروباري ادارن کي ب??تر بڻايو وڃي، ڪاروبار ۾ آ??اني کي يقيني بڻايو وڃي ۽ روانگي واپار ۾ واڌ ۽ درآمدات جو متبادل ڳوليو وڃي. هن اهڙن خيالن جو اظهار هتي ملڪ ۾ معاشي تبديلي لاءِ وڏن شعبن ۾ حڪومتي سڌارن جو جائزو وٺڻ لاءِ اقتصادي مشاورتي ڪائونسل جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. وزيراعظم کي آگاهه ڪيو ويو ته اقتصادي مشاورتي ڪائونسل طرفان سڌارن جي لاءِ 14 ترجيح?? شعبن جي نشاندهي ڪئي وئي آهي ته جيئن ايندڙ ٽن سالن ۾ جي ڊي پي جي واڌ جي شرح کي 6 سيڪڙو ۽ جي ڊي پي ۽ سيڙپڪاري جي تناسب سان موجوده 15 سيڪڙو کان وڌائي 20 سيڪڙو تائين وٺي وڃي سگهجي. انهن 14 شعبن ۾ مالي استحڪام ۽ پائيدار ترقي، گهر ۽ تعميرات، ماليات?? شعبو ۽ قرضن جو انتظام، نجڪاري، گهريلو واپار، گردشي قرض، انفارميشن ٽيڪنالاجي، صنعتڪاري، توانائي ۽ پيٽروليم، خرچا، زراعت، سي پيڪ، قيمتن جو استحڪام ۽ سماجي تحفظ شامل آهن. وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته حڪومت خاص طور تي گئس ۽ معدنيت ج?? شعبن تي ڌيان ڏيڻ کانسواءِ ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستانين کي معيشت جي ترجيح?? شعبن ۾ سيڙپڪاري جي ترغيب ڏئي رهي آهي، وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته هو سيڙپڪارن کي متوجهه ڪرڻ لاءِ سڌارن جي عمل کي تيز ڪري، سرڪاري ملڪيتي ڪاروباري ادارن کي ب??تر بڻائين، ڪاروبار ۾ آ??اني کي يقيني بڻائين، برآمدات ۾ نواڻ ۽ درآمدات جو متبادل ڳولين.