اسلام آباد – 15 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي وزيراعظ?? يوٿ انٽرپرينورشپ اسڪيم مان فائدو کڻڻ لاءِ سڄي ملڪ خاص طور تي گلگت بلتستان ۽ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي نوجوانن کي رهنمائي ۽ سهولت فراهم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته نوجوانن کي مالي طور ??ي بااختيار بنائڻ لاءِ وزيراعظم جي ڪامياب جوان پروگرام زبردست معاشي موقعا فراهم ڪيا آهن، نوجوانن جو پنهنجو ڪاربار شروع ڪرڻ جي لاءِ آسان قرضن جي سهولت مان فائدو کڻڻ گهرجي، اهڙن خيالن جو اظهار هن آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جي نوجوانن کي قرض حاص ڪرڻ ۾ درپيش مسئلن کي حل ڪرڻ جي حوالي سان اج??اس جي صدارت ڪندي ڪيو، اج??اس ۾ وزيراعظم جي نوجوانن جي معاملن واري خاص مددگار محمد عثمان ڊار ۽ ??ئن?? آف پنجاب جي صدر ظفر مسعود شرڪت ڪئي جڏهن ته وزيراعظم آزاد ڄمون ۽ ڪشمير سردار عبدالقيوم نيازي، گلگت بلتستان خالد خورشيد خان ۽ لاڳاپيل ??ئن??ن جي سربراهن وڊيو لنڪ جي ذريعي اج??اس ۾ شريڪ ٿيا. ان موقعي تي خاص مددگار عثمان ڊار اج??اس کي يوٿ انٽر پرينيورشپ اسڪيم تحت ڏنل قرضن جي باري ۾ ٻڌايو، اج??اس کي ٻڌايو ويو ته نوجوانن ۾ پنهنجو ڪاروبار شروع ڪرڻ لاءِ 26.2 ارب روپين جي منظور ٿيل قرضن مان 19.1 ارب روپيا ورهايا ويا آهن، هن وڌيڪ ٻڌايو ته يوٿ انٽرپرينيورشپ اسڪيم مختلف شعبن ۾ 30000 کان وڌيڪ نوڪريون پيدا ڪيون آهن، خاص مددگار مختلف ??ئن??ن جي پاران ڏنل رقم جا تفصيل ٻڌايا جنهن ۾ ??ئن?? آف پنجاب، جي ايس ??ئن?? لميٽيڊ، نيشنل ??ئن?? آف پاڪستان، ??ئن?? الفلاح لميٽيڊ ۽ حبيب ??ئن?? لميٽيڊ شامل آهن جنهن نوجوانن ۾ ترتيبوار 4.8 ارب روپيا، 3.5 ارب روپيا، 2.4 ارب روپيا، 1.7 ارب روپيا ۽ 1.6 ارب روپين جا قرض جاري ڪيا، آزاد ڪشمير جي وزيراعظم ۽ گلگت بلتستان جي وڏي وزير وزيراعظ?? يوٿ انٽرپرينيور اسڪيم تحت قرض حاصل ڪرڻ ۾ نوجوانن جي درپيش مسئلن تي روشني وڌي. اج??اس ۾ نوجوانن جي قرضن جي اسڪيم مان فائدو کڻڻ لاءِ آگاهي ۽ رهنمائي فراهم ڪرڻ لاءِ مختلف قدمن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، صدر آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جي حڪومتن کي مشورو ڏنو ويو ته هو پنهنجي پنهنجي علائقن ۾ سهولتن جا مرڪز قائم ڪن ته جيئن نوجوانن کي قرض حاصل ڪرڻ ۾ مدد ملي. هن ميڊيا ۽ مقامي سياسي اڳواڻن جي شموليت سان نوجوانن ۾ بيداري پيدا ڪرڻ جي ضرورت ??ي به زور ڏنو، صدر پنجن ??ئن??ن جي سربراهن کي چيو ته هو نوجوانن کي قرض حاصل ڪرڻ ۾ رهنمائي لاءِ سهولت ڊيسڪ قائم ڪن، اج??اس ۾ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير، گلگت بلتستان ۾ قرضن جي ورڇ جي حوالي سان اڳڀرائي جو جائزو وٺڻ لاءِ ماهوار اج??اس منعقد ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو.