اسلام آباد – 13 – آڪٽوبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي افغانستان ۾ سلامتي، استحڪام ۽ اجتماعيت جي حامل سياسي حل ج?? ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته افغانستان ۾ تيزي سان اڀرندڙ انساني بحران کي منهن ڏيڻ لاءِ عالمي برادري کي هنگامي بنيادن تي ٺوس قدم کڻڻا پوندا. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب ني??زي لينڊ جي پرڏيهي وزير ننايا مهوٽا پنهنجي پاڪستاني هم منصب شاهه محمود قريشي سان وڊيو لنڪ جي ذريعي رابطو ڪيو، ٻنهي پرڏيهي وزيرن جي وچ ۾ ٻطرفي لاڳاپن، علائقائي خاص طور تي افغانستان جي اڀرندڙ صورتحال تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. پرڏيهي وزير افغانستان ۾ سلامتي، استحڪام ۽ اجتماعيت جي حامل سياسي حل ج?? ضرورت تي زور ڏنو ۽ چيو ته افغانستان ۾ تيزي سان اڀرندڙ انساني بحران کي منهن ڏيڻ ۽ افغانستان جي انساني ۽ معاشي مدد لاءِ عالمي برادري کي هنگامي بنيادن تي ٺوس قدم کڻڻا پوندا. هن چيو ته موجوده حالتن ۾ ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته افغانين کي اڪيلائپ جو شڪار ٿيڻ نه ڏنو وڃي، پرڏيهي وزير ني??زي لينڊ جي پرڏيهي وزير کي ڪابل مان نڪرڻ جي عمل ۾ پاڪستان پا??ان فراهم ڪيل مدد کان آگاهه ڪيو، هن چيو ته پاڪستان 37 ملڪن جي 21 هزار ماڻهن سميت سفارتي عملي ۽ ميڊيا نمائندن کي ڪابل مان محفوظ طريقي سان نڪرڻ ۾ ڀرپور مدد فراهم ڪئي. ني??زي لينڊ جي پرڏيهي وزير ني??زي لينڊ سميت مختلف ملڪن جي شهرين کي ڪابل مان محفوظ طريقي سان نڪرڻ ۾ ڀرپور مدد فراهم ڪرڻ تي پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي ۽ پاڪستان جي قيادت جو ٿورو ادا ڪيو. پرڏيهي وزير ني??زيلينڊ جي پرڏيهي وزير کي ڀارتي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارتي قابض فوج پا??ان جاري انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين کان آگاهه ڪيو ۽ چيو ته اسان تازو ئي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارتي قابض فوج جي سنگين جنگي ڏوهن جا ٺوس ثبوتن تي ٻڌل ڊوزيئر عالمي برادري جي سامهون پيش ڪيا آهن، پرڏيهي وزير فيٽف جي حوالي سان پاڪستان پا??ان کنيل موثر قدمن کان ني??زي لينڊ جي پرڏيهي وزير کي آگاهه ڪندي اميد ظاهر ڪئي ته ني??زيلينڊ ٽيڪنيڪي بنيادن تي پاڪستان جي حمايت جاري رکندو. پرڏيهي وزير ني??زيلينڊ جي پرڏيهي وزير سان ڪرڪيٽ ٽيم جي واپسي جي هڪطرفي فيصلي جو معاملو کنيو ۽ چيو ته هن هڪطرفي فيصلي سان ٻنهي ملڪن ۾ ڪرڪيٽ جي شوقينن جي دل آزاري ٿي. ٻنهي پرڏيهي وزيرن پاڪستان ۽ ني??زي لينڊ جي وچ ۾ ٻطرفي لاڳاپن جي موجوده نوعيت تي اطمينان جو اظهار ڪندي ان کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو.