فيصل آباد – 07 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نش??يات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته حڪومت احساس پروگرام جي لاءِ 250 ارب رپيا رکيا آهن، اعليٰ تعليم جي لاءِ اسڪالرشپس ڏنيون پيون وڃن، ملڪي ترقي جي لاءِ عو??تن جو پڙهيل لکيل هجڻ ضروري آهي، چاهيون ٿا ته پڙهي لکي عو??تون قومي ڌارا ۾ اڳتي اچن. اهڙن خيالن جو اظهار مملڪتي وزير فرخ حبيب رحمت للعالمين ﷺ اسڪالرشپ جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته شاگردن ۽ شاگردياڻين کي اعليٰ تعليم جي لاءِ اسڪالرشپس ڏنيون پيون وڃن، اسان چاهيون ٿا ته مردن وانگر عو??تون پڙهي لکي قومي ڌارا ۾ اڳتي اچن. اطلاعات ۽ نش??يات واري مملڪتي وزير چيو ته سمورا تعليمي وظيفا ميرٽ تي ڏ??ا پيا وڃن، اسڪلز فار آل تحت سڄي ملڪ ۾ ??وج??انن کي فني تربيت ڏني پئي وڃي. هن چيو ته موجوده حڪومت جي دور ۾ آءِ ٽي جي روانگي واپار ۾ اضافو ٿيو آهي. فرخ حبيب چيو ته ڪامياب جوان پروگرام تحت ڪاروبار جي لاءِ ??وج??انن کي قرض ڏنا پيا وڃن ۽ ??وج??ان بنا گارنٽي جي 10 لک تائين جو قرض حاصل ڪري سگهن ٿا. هن چيو ته حڪومت ڪامياب جوان پروگرام جي لاءِ 100 ارب رپيا رکيا آهن، ان پروگرام تحت 28000 ماڻهن کي اربين رپين ??ا قرض جاري ڪيا ويا آهن. هن چيو ته ڪامياب جوان پروگرام تحت ??وج??ان گهر ويٺي روزگار حاصل ڪري سگهن ٿا. فرخ حبيب چيو ته موجوده حڪومت جي دور ۾ آءِ ٽي جو روانگي واپار 2 ارب ڊالر تائين پهچي ويو، عو??تن جو مجموعي ملڪي ترقي ۾ بنيادي ڪردار آهي.