اسلام آباد – 02 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته پي ڊي ايم ٿڪل پهلوانن جو ٽولو آهي، اي وي ايم جي حوالي سان مخالف ڌر پنهنجا خدشا پاڻ ختم ڪرڻ نٿي چاهي، اليڪشن ڪميشن کي اي وي ايم لاءِ جيڪا به مدد گهربل هوندي فراهم ڪنداسين، اڳوڻي دور جي ناقص پاليسين جي ڪري اڄ عوام مهانگائي کي منهن ??ئي رهي آهي، شاهد خاقان عباسي مهانگائي جو ورد ڪري رهيو آهي، اڄ مهانگائي انهن جي ڪرتوتن جي ڪري آهي، ن ليگ ۽ پي پي پي پنهنجي دور جي پاليسيون بهتر رکن ها ته اڄ اها صورتحال نه هجي ها. اهڙن خيالن جو اظهار هن وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي ڪور ڪميٽي جي اجلاس کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. وفاقي وزير چيو ته پي ٽي آءِ جي ڪور ڪميٽي جي اجلاس جو بنيادي ايجنڊ بلدياتي چونڊ هو، خيبرپختونخوا ۾ بلدياتي چونڊون 19 ڊسمبر تي ٿي رهيون آهن، جتي 17 ضلعن ۾ 37 هزار 752 اميدوارن جي وچ ۾ مقابلو آهي، مجموعي طور تي تعلقي چيئرمين ۽ ميئر جي لاءِ 689 اميدوارن ۾ مقابلو آهي، جڏهن ته 19282 اميدوار نيبر هڊ ڪائونسلز ۾ اليڪشن وڙهي رهيا آهن، هن ٻڌايو ته پنجاب ۾ بلدياتي چونڊن جو نئون اسٽرڪچر ايندو، ان حوالي سان اتحادين سان ڳالهه ٿي آهي، وفاقي وزير چيو ته پنجاب جو نئون لوڪل گورنمينٽ ايڪٽ ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ منظور ٿي ويندو جنهن ۾ پنجاب ۾ مقامي حڪومتن جو رستو هموار ٿي ويندو. هن ??يو ته پنجاب جي بلدياتي اليڪشن اي وي ايم تي ٿيندي، پنجاب حڪومت قانون ۾ پهرين ئي ترميم ڪري ڇڏي آهي، چوڌري فواد حسين چيو ته اليڪشن ڪميشن درست رخ ۾ اڳتي وڌي رهي آهي، ٽيڪنيڪل ڪميٽين جي جوڙجڪ مان معلوم ٿيندو ته ڪهڙي طرح اي وي ايم تي چونڊون ڪرائڻيُون آهن، ان حوالي سان جيڪا به مدد گهربل هوندي حڪومت فراهم ڪندي. اسان کي بار بار اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشينون نه خريد ڪرڻيون پونديون ۽ ان طرح اليڪشن جو پراسيس وڌيڪ سستو ٿي ويندو، هن ٻڌايو ته پي ٽي آءِ جي ڪور ڪميٽي جي اجلاس ۾ ڊاڪٽر ثانيه نشتر سماجي ڀلائي جي مختلف پروگرامن جي باري ۾ بريفنگ ڏني، هن ??يو ته احساس پروگرام ۽ صحت ڪارڊ پروگرام وڏو منصوبو آهي، پنجاب جي لاءِ صحت ڪارڊ جو ساڍا 3 سئو ارب جو پراجيڪٽ هوندو، پنجاب جي سمورن ماڻهن ??ي 10 لک روپين تائين جي علاج جي سهولت ميسر هوندي، اهڙي سهولت ڪنهن ترقي يافته ملڪ ۾ به ميسر نه آهي، هن ??يو ته اسان جي خواهش آهي ته بلوچستان ۽ سنڌ حڪومتون به ان پروگرام جو هصو بڻجن، بلوچستان پنهنجي آمادگي ظاهر ڪري ڇڏي آهي پر سنڌ اڃان تائين راضپو ظاهر ناهي ڪيو، هن ??يو ته سنڌ حڪومت جو ڪردار عوام مخالف آهي، اسان سمجهون ٿا ته مفت علاج جي سهولت هر پاڪستاني جو حق آهي ان لاءِ سنڌ حڪومت تي زور ڏيون ٿا ته هو ان پروگرام ۾ شامل ٿئي ته جيئن سنڌ جي ماڻهن ??ي به ان جو فائدو پهچي سگهي، هن ??يو ته اهو پهريون پروگرام هوندو جنهن ۾ وزيرن ۽ صلاحڪارن کي ڪو به فائدو نه ٿيندو، شايد انهي ڪري سنڌ حڪومت پريشان آهي، چوڌري فواد حسين چيو ته ڪور ڪميٽي جي اجلاس ۾ مهانگائي جي صورتحال جو به جائزو ورتو ويو. قيمتن جي حساس انگن جي انڊيڪس ۾ 0.67 سيڪڙو گهٽتائي آئي آهي، هن ??يو ته اسان جو ڌيان پاڪستان جي اندر عالمي مهانگائي جي اثرن کي گهٽ ڪرڻ تي آهي. ايندڙ ڏينهن ۾ مهانگائي جي صورتحال ۾ وڌيڪ بهتري ايندي ۽ عام ماڻهو کي فائدو پهچندو. هڪ سوال جي جواب ۾ وفاقي وزير چيو ته شاهد خاقان عباسي مهانگائي جو ورد ڪري رهيو آهي، انجي اهميت لاءِ نه آهي ته اڄ مهانگائي انهن جي ڪرتوتن جي ڪري آهي، ن ليگ ۽ پيپلزپارٽي پنهنجي دور ۾ پاليسيون بهتر رکن ها ته اڄ اسان کي ٻاهرين دنيا تي ڀاڙڻو نه پوي ها. هن شاهد خاقان عباسي کي د??وت ڏني ته هو پاڪستان جي ڳڻپ واري اداري سان گڏ ويهن ??و ته ن ليگ جي اڪثر ماڻهن ??ڏهن به اخبار پوري ناهي پڙهي، انهن ??ي د??وت ڏيان ٿو ته هو پهرين سسٽم سمجهي وٺن، قيمتن جي احساس انگن جي انڊيڪس ۾ 40 سيڪڙو انگ اکر ڪراچي کان ايندا آهن. وفاقي وزير چيو ته شاهد خاقان عباسي جڏهن ??ئس جي وزارت سنڀالي هئي ته ان تي هڪ روپئي جو قرض نه هو، جنهن ??ينهن هو وزارت ڇڏي ويو ته 157 ارب روپين جو قرض ڇڏي ويو. ان کانسواءِ هن جيڪي پاليسيون ڏنيون ۽ قرض ورتا اڄ تائين انهن ??ان ٻاهر نٿا نڪري سگهون، هڪ سوال جي جواب ۾ هن ??يو ته مخالف ڌر پارلياماني پارٽي ۾ شرڪت لاءِ تيار نه آهي، اهي ٿڪل پهلوانن جو ٽولو آهي، اي وي ايم جي حوالي سان مخالف ڌر پنهنجا خدشا ختم ڪرڻ نٿي چاهي، هن ??يو ته اسان مخالف ڌر کي وڏن سڌارن تي د??وت ڏيندا آهيون ته هو اچن ۽ ڳالهه ڪن پر اهي سڌارن جي طرف نه اچي رهيا آهن، هو نظام بدلائڻ ئي نٿا چاهين، هڪ ٻي سوال جي جواب ۾ هن ??يو ته اي وي ايم تي اليڪشن ڪميشن جو موقف اچي ويو آهي، ٽيڪنيڪل ڪميٽيون جوڙي ڇڏيون آهن، اي وي ايم لاءِ جيڪي به فنڊز گهربل هوندا اسان ڏينداسين.