اسلام آباد – 14 جنوري (اي پي پي) قومي سلامتي جي صلاحڪار ڊاڪٽر معيد يوسف چيو آهي ته پاڪستان ۾ قومي سلامتي تي تمام گهڻو بحث ٿيو، قومي سلامتي پاليسي جاري ڪرڻ ضروري هو، پاڪستان جي هر شهري جو تحفظ قومي پاليسي جو حصو آهي.
وزيراعظم آفيس ۾ نيشنل سيڪيورٽي پاليسي جي پبلڪ ورزن جاري ڪرڻ جي موقعي تي تقريب کي خطاب ڊاڪٽر معيد يوسف چي?? ته اسان پوري دنيا جون پاليسيون ڏٺيون آهن، پاڪستان ۾ قومي سلامتي تي تمام گهڻو بهث ٿيو، ضرورت هئي ته پاڪستاني قومي سلامتي پاليسي جاري ڪئي وڃي، پاڪستان جي هر شهري جو تحفظ قومي پاليسي جو حصو آهي، تعليم جو قومي سلامتي سان سڌو سنئون تعلق آهي، هن چي?? ته قومي سلامتي پالي??ي اسان جي سلامتي تي اثر انداز ٿيندڙ روايتي ۽ غير روايتي مسئلن جي وس??ع ڏس ۾ جوڙي وئي آهي.
قومي سلامتي پاليسي ۾ جيواسٽريٽجڪ ۽ جيو پوليٽيڪل رخن جو محور معاشي سلامتي آهي جنهن ۾ پاڪستان جي سلامتي جو استحڪام ۽ دنيا ۾ مقام حاصل ڪرڻ نمايان خصوصيتون آهن. هن چي?? ته ان دستاويز کي مڪمل سول ملٽري اتفاق راءِ کانپوءِ حتمي شڪل ڏني وئي آهي.