لاهور – 16 ج??ور?? (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته پاڪستان جي ڪهاڻي دنيا آڏو ??يش ڪرڻ جي لاءِ اسان کي فلم، ڊرامي، موسيقي ۽ ادب کي فروغ ڏيڻو پوندو، ماضي ۾ انگريزي ادب کي تمام گهڻي اهميت حاصل هئي، پاڪستان ۾ انگريزي ادب گهٽ ٿي رهيو آهي، اسان جي ڪوشش آهي ته اسان ادبي دنيا سان ??اڻ کي ڳنڍي سگهون. اها ڳالهه هن فرزانه عاقب جي ڪتاب جي مهورتي تقريب کي خطاب ڪندي چئي. چوڌري فواد حسين چيو ته فرزانه عاقب تمام خوبصورتي سان ??ختصر عرصي ۾ 16 ڪتاب لکيا، سندس ڪتابن جي اقتباسات کان ??اڻهن کي آگاهه ڪرڻ جي ضرورت آهي. فرزانه عاقب ڪربلا تي تمام گهڻي خوبصورتي سان ??کيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته انگريزي ادب کي فروغ ڏيڻ ۾ فرزانه عاقب جون ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن. هن چيو ته ماضي ۾ پاڪستان جي انهن سمورن ذريعن کي تنزلي طرف ڌڪيو ويو جن جي ذريعي پاڪستان جي ڪهاڻي دنيا آڏو ??يش ڪري سگهجي پئي. چوڌري فواد حسين چيو ته پاڪستان جي هڪ خوبصورت ڪهاڻي آهي جيڪا دنيا آڏو ??يش نه ڪئي وئي. اسان کي پنهنجي ڪهاڻي دنيا آڏو ??يش ڪرڻ جي لاءِ فلم، ڊرامي ۽ ميوزڪ کي فروغ ڏيڻو پوندو. ان ڏس ۾ اطلاعات واري وزارت پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهي آهي. اسان کي ملڪ کي ائين مٿي گامزن ڪرڻو آهي جيئن اسان ادبي دنيا سان ??اڻ کي ڳنڍي سگهون. هن چيو ته پي ٽي وي انگلش کي انفوٽينمينٽ ٽي وي ۾ ڪ??ور?? ڪيو پيو وڃي، انگريزي ڊرامي، انگريزي ميوزڪ، فلم ۽ انگلش جي فنون لطيفه کي عوام آڏو ??يش ڪري سگهبو. هن چيو ته جيڪي شاگرد شاعري ۽ ڊرامي ۾ دلچسپي رکن ٿا، اسان انهن جي ڀرپور معاونت ڪنداسين.