اسلام آباد – 08 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ ح??يب چي?? آهي ته حڪومت جا اتحادي ڪالهه به گڏ هئا ۽ آئنده به گڏ رهندا، سڀ چور پنهنجي چوري بچائڻ لاء?? گڏ ٿي ويا آهن، انهن جي ملاقات سان حڪومت کي ڪو به فرق نه پوندو. نجي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي مملڪتي وزير فرخ ح??يب چيو ته شهباز شريف جي خلاف ايف آءِ اي جو 16 ارب ۽ نيب ۾ ساڍا 7 ارب روپين جي ٽي ٽيز جو ڪيس هلي رهي?? آهي، هن چيو ته انهن کي خبر پئجي وئي اهي ته انهن جي چوري پڪڙي وئي آهي ۽ احتساب جو عمل اڳتي وڌي رهي?? آهي، اهو ئي سبب آهي جو مخالف ڌر جيڪا ڪالهه هڪٻئي کي سليڪٽيڊ چوندي هئي اڄ وري انهن جي ملاقاتن جو سلسلو شروع ٿي وي?? آهي. سياسي پارٽيون ملاقاتون ڪنديون آهن پر گذريل ساڍا ٽي سالن کان اتحادي حڪومت سان گڏ آهن ۽ آئنده به گڏ رهندا.