اسلام آباد – 22 – مارچ (اي پي پي) سعودي عرب جي پرڏيهي وزير ۽ او آءِ سي سربراهه اجلاس جي چيئرمين فيصل بن فرحان السعود چيو آهي ته عالمي قراردادن موجب فلسطين جي مسئلي جو پرامن حل چاهيون ٿا، اسان ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام جي مڪمل حمايت ڪريون ٿا، ڪشمير مسئلي جي منصفاڻي حل جي لاءِ عالمي برادري ک?? ڪردار ادا ڪرڻ گه??جي. او آءِ سي سربراهه اجلاس جي چيئرمين جي حيثيت سان اجلاس کي خطاب ڪندي هن چيو ته هو ??اڪ??تان جو ٿورائتو آهي جنهن او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي اجلاس ۾ شرڪت تي شاندار آجيان ڪئي. هن ??اڪ??تان جي 75 هين ??اڪ??تان جي ڏهاڙي ۽ قوم ۽ حڪومت کي مبارڪباد ڏيندي ??اڪ??تان جي خوشحالي ۽ وڌيڪ ڪاميابين جي دعا ڪئي. هن چيو ته جنرل اسيمبلي ۾ اسلامو فوبيا جي خلاف عالمي ڏينهن ملهائڻ جي قرارداد جي منظوري مسلمان امت جي ڪاميابي آهي. ان ڏس ۾ ??اڪ??تان پاران قرارداد پيش ڪرڻ ۽ او آءِ سي سيڪريٽريٽ ۽ سيڪريٽري جنرل جي ڪردار تي ک??س مبارڪباد پيش ڪريون ٿا. هن چيو ته اسلامو فوبيا جي خلاف عالمي ڏينهن بين المذاهب هم آهنگي جي فروغ ۾ مددگار ٿيندو، سعودي عرب فلسطين مسئلي تي فلسطينين جي حمايت جاري رکندو، اسان عالمي قراردادن موجب فلسطين جي مسئلي جو پرامن حل چاهيون ٿا ۽ آزاد فلسطيني رياست قائم ڪرڻ اتان جي عوام جو حق آهي. هن چيو ته يمن ۾ حوثي مليشيا کي هٿيارن جي فراهمي بند ٿيڻ گه??جي. يمن جي عوام کي انساني بنيادن تي امداد فراهم ڪري هيا آهيون. هن چيو ته اسان ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام جي مڪمل حمايت ڪريون ٿا، ڪشمير مسئلي جي منصفاڻي حل جي لاءِ عالمي برادري ک?? ڪردار ادا ڪرڻ گه??جي. هن چيو ته افغانستان جي لاءِ انساني بنيادن تي ٽرسٽ فنڊ قائم ڪرڻ هڪ خوش آئنده قدم آهي. ان فنڊ ذريعي لڏپلاڻ ڪندڙ ماڻهن جي مدد ڪري سگهبي.