اسلام آباد – 24 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير ??خدوم شاهه محمود قريشي پي ٽي آءِ جي ڪارڪنن سميت سمورن پاڪستاني شهرين کي اپيل ڪئي آهي ته هو ملڪي مستقبل ۽ جمهوريت جي خاطر 27 مارچ تي گهرن کان ٻاهر نڪرن، اسان عمران خان ۽ آئين پاڪستان سان گڏ بيٺل آهيون، سمورن اتحادين سان رابط?? آهي، ايم ڪيو ايم جا اڳواڻ زيرڪ ۽ سلجهيل سياستدان آهن، منهنجي خيال ۾ اهي مخالف ڌر جي هنج ۾ نه ويهندا. پارليامينٽ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي پرڏيهي وزير چيو ته اڄ وزيراعظم قوم کي واضح پيغام ڏن?? آهي ته فيصلو عوام کي ڪرڻ?? آهي ته توهان کي چڱائي يا برائي مان ڪهڙي طرف بيهڻ?? آهي، پرڏيهي وزير چيو ته هڪ طرف مفاد پرستن جو ٽول?? آهي جنهن کي ملڪي مفادن، معيشت ۽ نه ئي اقتصادي ضرورتن سان ڪو واسط?? آهي، اهي ماڻهو هڪ نڪاتي ايجنڊا تحت عمران خان کان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ ۽ لُٽ مار لاءِ رستو هموار ڪرڻ چاهي ٿو. انهن جو منشور هڪ آهي نه ئي پارتٽي جهنڊو هڪ آهي، انهن ماڻهن پوري قوم کي پريشان ڪري رکي?? آهي، پرڏيهي وزير چيو ته آئون پاڪستان جي سمورن باشعور شهرين کي گذارش ڪريان ٿو ته هو 27 مارچ تي پنهنجي گهرن کان ٻاهر نڪرن ۽ پريڊ گرائونڊ اسلام آباد ۾ پنهنجي موجودگي کي يقيني بڻائين. اسان عمران خان ۽ جمهوريت سان گڏ بيٺل آهيون، اسان جا پنجاب، ڪي پي ڪي، آزاد ??شمير سميت سمورن ماڻهن سان رابطا ٿي رهيا آهن، ڪي پي ڪي کان ماڻهن جو سمنڊ ايندو. هڪ سوال جي جواب ۾ پرڏيهي وزير چيو ته اسان جا اتحادين سان رابطا آهن، اهي آزاد آهن، مون کي يقين آهي ته اهي مناسب وقت تي مناسب فيصلو ڪندا، هن چيو ته ايم ڪيو ايم کي ڏسڻو پوندو ته اهي پي ٽي آءِ کان عليحدگي اختيار ڪري ڪنهن سان گڏ وڃي رهيا آهن، پي پي سان گڏ، ان پ پ پ خلاف ته ڪجهه ڏينهن اڳ احتجاج ڪري رهي هئي ته انهن ڪراچي سان ناروا سلوڪ ڪيو، انهن جا فنڊ هڙپ ڪيا، جيڪي بلدياتي قانون کڻي آيا ان تي ته پوري سنڌ سراپا احتجاج آهي، اهي سنجيده ۽ سلجهيل ماڻه?? آهن، منهنجي خيال ۾ ته هو انهن جي هنج ۾ نه ويهندا. پرڏيهي وزير ??خدوم شاهه محمود قريشي او آءِ سي اجلاس جي حوالي سان چيو ته اسلام آباد ۾ او آءِ سي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي 48 هين اجلاس جي انتهائي ڪامياب انعقاد سان پوري امت ۾ پاڪستان جو وقار بلند ٿي?? آهي، هن چيو ته او آءِ سي جي پرڏيهي وزيرن به پاڪستان جي لاءِ خيرسگالي جو اظهار ڪيو، هن چيو ته او آءِ سي جي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي سربراهه هجڻ جي ناطي پاڪستان، او آءِ سي جي منظور ڪيل قراردادن تي عملدرآمد جي لاءِ طريقيڪا?? جوڙڻ جي غرض سان هڪ ٻيو وزارتي اجلاس طلب ڪندو. پرڏيهي وزير ??الاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي صورتحال تي سخت خدشن جو اظهار ڪندي چيو ته او آءِ سي اجلاس ۾ ٻين نمايان تڪرارن کي به ڀرپور طريقي سان اجاگر ڪرڻ جي لاءِ ايڪشن پلان تي اتفاق ڪيو ويو. هن چيو ته ايڪشن پلان ان سلسلي ۾ او آءِ سي سيڪريٽريٽ جي ڪردا?? جو تعين ڪند?? آهي.