اسلام آباد – 25 – اپريل (اي پي پي) پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر سان چيني ناظم الامور پينگ چنڪسو پرڏيهي وزارت ۾ ملاقات ڪئي. مملڪتي وزير ان موقعي تي چيو ته پاڪستان چين سان پنهن??ي لازوال اسٽريٽجڪ ڪوآپريٽو پارٽنرشپ کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ ??ي لاءِ پرعزم آهي. هن چيو ته پاڪستان جي بنيادي مسئلن ۽ ترقي جي ڏس ۾ چين جي پراڻي حمايت کي ساراهيون ٿا. حنا رباني کر چيو ته پاڪستان بي آر آئي جي اهم منصوب?? سي پي?? جي رفتار ۾ تيزي آڻڻ جو خواهشمند آهي. هن چيو ته سي پي?? تحت خصوصي اقتصادي زونز ۾ وڌندڙ چين?? سيڙپڪاري جي آجيان ڪريون ٿا.