اسلام آباد – 06 – جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي و??ير مريم اورنگزيب چيو آهي ته وز??را??ظم اڄ اڱاري ڏي??هن ڪاروباري برادري سان بجيٽ تي مشاورت جي حوالي سان پري بجيٽ سيمينار کي اهم خطاب ڪندو. پنهنجي ٽوئيٽس ۾ هن چيو ته وز??را??ظم شهباز شريف پاڪستان جي معاشي ترقي ۽ خوشحال?? جي لاءِ پنهنجي ويزن جي تعبير جي لاءِ پري بجيٽ ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندو. هن چيو ته وز??را??ظم جو ويزن هڪ اهڙو پاڪستان ٺاهڻ آهي جتي معيشت وڌ?? ويجهي، مستحڪم ۽ پائيدار بنيادن تي ترقي ٿئي، هر پاڪستاني ۽ ملڪ جو هر خطه ان ۾ حصيدار هجي، جتي غربت ۽ محرومين جو خاتمو ٿئي، شهرين کي سماجي، سياسي ۽ معاشي حق ميسر اچن، ا??هن کي زندگ?? جي تلخين مان ڇوٽڪارو ملي ۽ هڪ بهتر زندگي ملي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته وز??را??ظم پاڪستان کي درپيش معاشي مسئلن ۽ ا??هن جي حل لاءِ فوري، وچولي ۽ ڊگهي مدي واري قدمن تي خيان جي ڏي وٺ ڪندو. وز??را??ظم مالي سال 23 – 2022ع جي بجيٽ لاءِ تجويزون حاصل ڪندو. هن چيو ته وز??را??ظم زراعت، فوڊ سيڪيورٽي، توانائي، آءِ ٽي، ٽيڪسٽائيل، مينوفيڪچرنگ، برآمدات ۽ ٻين شعبن جي ڪاروباري شخصيتن سان چارٽر آف اڪانوم?? جي لاءِ نيشنل ڊائيلاگ جي شروعات ڪندو. وز??را??ظم ڪاروباري شخصيتن کان تجويز وٺندو ۽ ا??هن کي مستقبل جي حڪمت عملي تي اعتماد ۾ وٺندو.