اسلام آباد – 10 – جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته گذريل چار سال ملڪ تي اهڙو ٽولو مڙهيل رهيو جنهن سرڪاري ملازمن ۽ عوام کي مهانگائي جي چڪي ۾ پيڙهيو، وزيراعظم سرڪاري ملازمن جي مشڪلاتن کي ڏسند?? انهن جي پگهار ۾ 15 سيڪڙو اضافو ۽ ايڊهاڪ رليف ضم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي، اڄ بجيٽ ۾ پينشنرز لاءِ به وڏو اعلان ٻڌڻ لاءِ ملندو، مشڪل حالتن ۾ اهڙو بجيٽ پ??ش ڪري رهيا آهيُون جنهن ۾ ملڪ ۾ صنعت، ڪاروبار ۽ واپار کي فروغ ملندو. اهڙن خيالن جو اظهار احتجاج ڪندڙ سيڪريٽريٽ ملازمن سان ملاقات جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. وفاقي وزير چيو ته اڄ اتحادي حڪومت اقتدار ۾ آهي جنهن ۾ سموريون پارٽيون غريب عوام ۽ وچولي طبقي جي ڀلائي جو سوچ رهي آهي?? هن چيو ته مشڪل حالتن ۾ اهڙو بجيٽ پ??ش ڪري رهيا آهيون جيڪو غريب ۽ وچولي طبقي لاءِ رليف جو باعث بڻجندو، بجيٽ سان ملڪ ج?? اندر صنعت، ڪاروبار، واپار ۽ زراعت کي فروغ ملندو?? هن چيو ته ناڻي واري وزارت سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ 10 سيڪڙو اضافي جي تجويز پ??ش ڪئي هي جنهن کي وزيراعظم رد ڪري ڇڏيو ۽ ڪابينا جي منظوري سان سرڪاري ملازمن کي رليف فراهم ڪندا رهنداسين?? هن چيو ته آءِ ايم ايف جي سخت شرطن جي باوجود اڄ حڪومت ۽ وزيراعظم غريب عوام جو سوچي رهيا آهن، اڄ پارليامينٽ ۾ جيڪا بجيٽ پ??ش ڪئي پئي وڃي ۽ اها غريب دوست بجيٽ آهي، ملڪ ۾ نظر ايندو ته معاشي استحڪام ڪهڙي طرح پي??ا ڪيو ويندو آهي?? هن چيو ته 2018ع ۾ جيڪا معيشت عمران خان کي ملي هئي?? هن ان معاشي بدحالي ۾ بدلايو، حڪومت مشڪل معاشي حالتن جي باوجود عمران خان جي ڏنل مهانگائي ۽ بيروزگاري کان عريب عوام کي بچايو آهي، اها بجيٽ ملڪ کي معاشي استحڪام طرف وٺي ويندي، غريب ماڻهو کي رليف ملندو، صنعت، ڪاروبار ۽ واپار کي فروغ ملندو?? هن چيو ته بجيٽ ۾ زراعت، آءِ ٽي، صنعت، فوڊ سيڪيورٽي ۽ نوجوانن لاءِ تاريخي اعلان ڪيا ويندا?? هن چيو ته هاڻي اهو وقت ختم ٿي ويو آهي جڏهن سرڪاري ملازم رستن تي هجن ۽ وزيراعظم سڪون جي ننڍ سمهي رهيو هجي?? هن چيوت ه عمران خان جي نالائقي، نااهلي، چوري ۽ ڪرپشن جي ڪري اڄ ملڪ مشڪل صورتحال مان گذري رهيو آهي، ملڪ ک?? ان صورتحال مان ڪڍڻ لاءِ عوام ۽ڪاروباري طبقن کي حڪومت جو ساٿ ڏيڻو پوندو، وفاقي وزير چيو ته سرڪاري ملازمن ثابت قدم رهن، حڪومت صرف ۽ صرف انهن جي ڀلائي جو سوچي رهي آهي?? هن چيو ته اڄ وزيراعظم سرڪاري ملازمن سان انهن جي ڏک ۽ تڪليف ۾ بيٺل آهي?? هن چيو ته وزيراعظم شهباز شريف ملڪ ۾ معاشي استحڪام لاءِ ڪم ڪري رهيو آهي.