اسلام آباد – 11 – جون (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري شام ?? فلائيٽ آپريشن جي معطلي جي ڪري ڦاٿل ??اڪستانين جي فوري وطن واپسي جي هدايت ڪئي آهي. پرڏيهي آفيس مان جاري بيان موجب اسرائيلي فضائي حملن جي نتيجي ۾ دمشق ايئرپورٽ کي شديد نقصان جي ڪري فلائيٽ آپريشن معطل ٿي وئي، فلائيٽ آپريشن جي ڪري زيارتن تي ويل 160 پاڪستاني شام ?? ڦاسجي ويا، پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري شام ?? موجود پاڪستاني سفارتخاني کي پاڪستانين جي فوري وطن واپسي کي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي آهي، پاڪستاني سفارتخاني چيو ته شام ?? ڦاٿل سمورن پاڪستانين سان سفارتخاني جو رابطو قائم آهي، سمورن پاڪستانين جي وطن واپسي ج?? جلد انتظام مڪمل ڪيا ويندا.