اسلام آباد – 17 – جون (اي پي پي) پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حن?? رباني کر چيو آهي ته ايف اي ٽي ايف جو اجلاس برلن ۾ جاري آهي، ايف اي ٽي ايف اجلاس جي پُڄاڻي کانپوءِ بيان جاري ڪندو، هڪ ٽوئيٽ ۾ مملڪتي وزير چيو ته اجلاس جي نتيجن تي ٻ??ل رپورٽنگ کان پاسو ڪرڻ گهرجي، حڪومت پاڪستان ان معاملي تي اڄ ڇنڇر جي صبح پرڏيهي معاملن واري وزارت ۾ هڪ ميڊيا بريفنگ جو اهتمام ڪي?? آهي، اها ڳالهه ذڪر جوڳي آهي ته پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حن?? رباني کر جر??ني جي شهر برلن ۾ ٿيندڙ ايف اي ٽي ايف جي اجلاس ۾ پاڪستاني وفد جي قيادت ڪري رهي آهي، اجلاس ۾ 2018ع ۽ 2021ع جي ايف اي ٽي ايف ايڪشن پلان تحت پاڪستان جي اڳڀرائي تي غور ڪي?? ويو، اجلاس ايف اي ٽي ايف جي انٽرنيشنل ڪوآپريشن ريويو گروپ (آءِ سي آر جي) جي سفارشن جو جائزو وٺندو، پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حن?? رباني کر پاڪستان جي قومي ايف اي ٽي ايف رابطا ڪميٽي جي سربراهه به آهي، ان کان اڳ هن مختلف اجلاسن ۾ پاڪستان جي اينٽي ??ني لانڊرنگ ۽ دهشتگردي جي مالي مدد جي خاتمي جي نظام کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ لاءِ حڪومت جي اعليٰ سطح جي سياسي عزم کي اجاگر ڪي??. جر??ني 13 کان 17 جون تائين برلن ۾ ايف اي ٽي ايف جي اجلاس جي ميزباني ڪري رهيو آهي، هن ايف اي ٽي ايف جي عهديدارن ۽ ميمبر ملڪن جي وفدن جي سربراهن سان به ملاقاتون ڪي??ن ۽ انهن کي ايف اي ٽي ايف جي ٻنهي ايڪشن پلانز جي پڄاڻي لا پاڪستان پاران ڪي?? شاندار اڳڀرائي کان آگاهه ڪي??.