اسلام آباد – 13 – سيپٽمبر (اي ??ي ??ي) وزيراعظم محمد شهباز شريف شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي ڪائونسل آف هيڊز آف اسٽيٽ جي سالياني ??جل??س ۾ شرڪت جي لاءِ 15 ۽ 16 سيپٽمبر تي ثمرقند، ازبڪستان جو ٻن ڏينهن جو دورو ڪندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف ازبڪستا?? جي صدر شوڪت مرزيوئيف جي دعوت تي ??جل??س ۾ شرڪت ڪندو. ??جل??س ۾ شنگهائي تعاون تنظيم جي ميمبر ملڪن ۽ مبصر ملڪ?? جي سربراهن کانسواءِ ايس سي او جي مختلف تنظيمن جا سربراهه ۽ ٻين خاص مهمان شرڪت ڪندا. ڪائونسل آف هيڊز آف اسٽيٽ شنگهائي تعاون تنظيم جو سڀ کان اعليٰ فورم آهي جيڪو تنظيم جي حڪمت عملي، امڪانن ۽ ترجيحن تي غور ۽ وضاحت ڪري ٿو. ??جل??س ۾ موسمياتي تبديلي، خوراڪ ۽ توانائي جي حفاظت ۽ پائيدار سپلائي چين سان گڏوگڏ اهم عالمي ۽ علائقائي مسئلن تي غور ڪيو ويندو جڏهن ته اهڙن معاهدن ۽ دستاويز?? جي پڻ منظوري ڏني ويندي جيڪي شنگهائي تعاون تنظيم جي ميمبر ملڪ?? جي وچ ۾ تعاو?? جي مستقبل جي رخ جو تعين ڪندا. وزيراعظم محمد شهباز شريف سربراهه ??جل??س ۾ شرڪت کانسواءِ ??جل??س جي موقعي تي شنگهائي تعاون تنظيم جي ٻين شريڪ اڳواڻن سان ٻطرفيون ملاقاتون پڻ ڪندو. 2001ع ۾ قائم ٿيندڙ شنگهائي تعاون تنظيم ڏکڻ ۽ وچ ايشيا ۾ پکڙيل هڪ وڏي علائقائي تنظيم آهي. شنگهائي تعاون تنظيم جا ميمبر ??لڪ مجموعي طور تي دنيا جي اٽڪل اڌ آبادي ۽ عالمي اقتصادي پيداوار جو چوٿون حصو آهن. شنگهائي تعاون تنظيم جو امن ۽ استحڪام کي فروغ ڏيڻ ۽ انفراسٽرڪچر، اقتصادي، واپاري ۽ ثقافتي شعبن ۾ بهتر رابط?? جي ڳولا جي ايجنڊا خطي ۾ اقتصادي رابطن سان گڏوگڏ امن ۽ استحڪام کي وڌائڻ جي لاءِ پاڪستا?? جي پنهنجي ويزن سان هم آهنگ آهي. پاڪستان 2017ع ۾ شنگهائي تعاون تنظيم جو مڪمل ميمبر بڻجڻ کانپوءِ کان ايس سي او جي مختلف ميڪانزم ۾ پنهنجي شرڪت ذريعي تنظيم جي بنيادي مقصدن کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ سرگرم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي.