اسلام آباد-22 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪ فضائيه سنڌ، ڪي پي ڪي، بلوچستان ۽ ڏکڻ پنجاب جي ٻوڏ متاثرن لاءِ انساني همدرديءَ جي بنياد تي طبي امداد جي فراهمي ۽ بحاليءَ جي ڪ??ررواين ۾ سرگرم آهي. پاڪ فضائيه ج?? ترجمان مطابق پاڪ فضائيه جا اهلڪار ٻوڏ متاثر کي رهائش، طبي سهولتون، خوراڪ ۽ پيئڻ جي صاف پا??يء?? جهڙيون بنيادي ضرورتون وقت سر فراهم ڪرڻ لاءِ پنهنجي ڀرپور خدمت فراهم ڪري رهيا آهن. پاڪ فضائيه ج?? قائم ڪيل ميڊيڪل ليب ڪليڪشن پوائنٽس ٻوڏ متاثرن ۾ وڏي پيماني تي پکڙجندڙ پا??يء?? سبب ب??مارين جهڙوڪ گيسٽرو، ڊينگي، مليريا، دستن ۽ اُلٽين جي سُڃاڻپ جي عمل ۾ مصروف آهي. پاڪ فضائيه ج?? فيلڊ ميڊيڪل ڪيمپن ۾ ٻوڏ متاثرن کي مفت دوائون ۽ طبي سهولتون ڏنيون پيون وڃن. گذريل 24 ڪلاڪن دوران پاڪ فضائيه ضرورتمند ڪٽنبن ۾ 17960 پڪل کاڌي جا پئڪيٽ، 250 پا??يء?? جون بوتلون ۽ 1730 خشڪ راشن جا پئڪيٽ ورهايا. ان کان علاوه پاڪ فضائيه ج?? ميڊيڪل ٽيمن 1407 مريضن جو طبي معائ??و ڪيو.