اسلام آباد-20 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪ فضائيه جي ترجمان مطابق پاڪ فضائيه ٻوڏ متاثر علائقن ۾ ڊينگي، مليريا، ڊائريا ۽ مختلف بيمارين کي مُنهن ڏيڻ لا??ِ فوري امداد شروع ڪري ڇڏي آهي. پاڻيءَ مان پيدا ٿيندڙ بيمارين جي تيزيءَ سان سُڃاڻپ لا??ِ مختلف م??ڊي??ل ليب ڪليڪشن پوائنٽس قائم ڪيا ويا آهن ۽ـ قيمتي جانين کي بچائڻ لا??ِ فوري طبي امداد فراهم ڪئي پئي وڃي. پاڪ فضائيه جا هيليڪاپٽر ۽ ٽرانسپورٽ ٻوڏ متاثرن کي محفوظ هنڌن تي منتقل ڪرڻ سان گڏوگڏ خوراڪ ۽ طبي سامان جي چُرپر ۾ به حصو وٺي رهيا آهن. گذريل 24 ڪلاڪن دوران پاڪ فضائيه ضرورتمند خاندانن ۾18510 پڪل کاڌي جا ??ئڪ??ٽ، 300 پاڻيءَ جون بوتلون ۽ 1920 بنيادي غذائي جنسن تي ٻَڌل راشن ??ئڪ??ٽ ورهايا. وڌيڪ مفت خوراڪ ۽ ر??ائش جي فراهمي کانسواءِ پاڪ فضائيه جي فيلڊ م??ڊي??ل ڪيمپس ۾ پاڪ فضائيه جي م??ڊي??ل ٽيمون 1440 مريضن جو مفت علاج ڪيو.