ڪراچي – 30 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪ فضائيه طرفان ??يبرپختونخوا، سنڌ، بلوچستان ۽ ڏ??ڻ پنجاب جي ٻوڏ متاثر علائقن ۾ طبي امداد، ريليف ۽ بحالي جون سرگرميون ڀرپور طريقي سان ??اري آهن. پاڪ فضائيه طرفان ??اري پڌرائي مطابق پاڪ فضائ??ه پنهنجن مي??يڪ?? ڪيمپن ۽ موبائل مي??يڪ?? ٽيمن ذريعي ٻوڏ متاثرن کي ضروري خطي امداد فراهم ڪري رهي آهي. پاڪ فضائيه جون مي??يڪ?? ليب ڪليڪشن پوائنٽس پڻ ٻوڏ متاثرن ۾ پاڻي سبب پيدا ٿيل بيمارين جي سڃاڻپ ۾ سرگرم آهن. پاڪ فضائيه جي اهلڪارن ٽرانسپورٽ فليٽ، هيليڪاپٽرن ۽ ٻيڙين ذريعي ٻوڏ متاثر علائقن ۾ ڦاٿل مقامي ماڻهن کي ڪڍڻ ۾ مدد ڪئي ۽ کين محفوظ هنڌن تي منتقل ڪيو. پاڪ فضائيه جي اهلڪارن ٻوڏ سبب متاثر ماڻهن ۾ خشڪ راشن، پچيل کاڌو، پائڻ جو صاف پاڻي ۽ عام واهپي جون ٻيون شيون ورهايون. گذريل 24 ڪلاڪن دوران پاڪ فضائيه ضرورت مند خاندانن ۾ 18 هزار 20 پچيل کاڌي جا پيڪيٽ، 340 پاڻي جون بوتلون ۽ 560 خشڪ راشن جا پيڪيٽ ورهايا. وڌيڪ اهو ته مفت خوراڪ ۽ رهائشي جي فراهمي کان ??لاوه پاڪ فضائيه جون ميديڪل ٽيمون 878 مريضن جو مفت طبي معائنو پڻ ڪيو.