اسلام آباد-10 آڪٽوبر (اي پي پي) نيشنل ڊزاسٽر مينيجمنٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل اختر نواز نيشنل ڪوآرڊينيٽر اين ايف آر سي سي ميجر جنرل ظفر اقبال ??ي صدارت هيٺ نيشنل فل?? رسپانس اينڊ ڪو آرڊينيشن سينٽر (اين ايف آر سي سي) جو خاص اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس دوران فورم کي ٻوڏ متاثر زرعي ايراضي بابت آگاهه ??يو ويو. صوبائي سيڪريٽريز زراعت پنهن??ي صوبن بابت پلان پيش ڪيو جنهن تي فيصلو ڪيو ويو ته ڪڻڪ جو 50 سيڪڙو ٻج وفاقي حڪومت اسپانسر ڪندي جڏهن ته باقي صوبن طرفان فراهم ڪيا ويندا. سڀني ضلعن جي ٻج تقسيم ڪندڙ ڪميٽي ضلعي انتظاميا، وفاق ۽ اين ڊي ايم اي جي ع??لد??رن تي ٻڌل هوندي. فورم کي سيڪريٽري خوراڪ ٻج جي خريداري ۽ ان جي تقسيم بابت آگاهه ??يو. فورم کي ماڊل وليجز بابت ٻڌايو ويو جتي گهرن سان گڏ مسجد، بنيادي صحت جي يونٽ ۽ ٻين سهولتن جي فراهمي ٿيندي. فورم کي ماڊل هائوسز جي رهائشي يونٽ جي لي آئوٽ آپشنز ۽ لائيو اسٽاڪ لاءِ جاءِ تي به اتفاق ڪيو ويو.