اسلام آباد- 11 آڪٽوبر (اي پي پي) جتي هاڻوڪي سانوڻي جي برساتن ۽ قومي سطح تي ٻوڏ جي اُڀرندڙ صورتحال انسانيت کي بچائڻ لاءِ وڏي پيماني تي ڪوششون ۽ سهڪار جي ضرورت آهي، اتي پاڪ فضائ??ه جي اهلڪارن شانه بشانه پاڪ فضائ??ه جي اسڪولن ۽ ڪاليجن جي شاگردن پڻ ٻوڏ متاثر علائقن جي پريشان حال ٻارن ۾ خوشيون ورهائڻ لا??ِ پنهنجي مدد پاڻ تحت جاري امداد ڪاررواين ۾ حصو ورتو. پاڪ فضائ??ه جي ترجمان مطابق پاڪ فضائ??ه جي شاگردن آزمائش جي هن گهڙيءَ ۾ پنهنجي ڀيڻن ۽ ڀائرن لاءِ چاڪليٽ، مٺايون ۽ اسٽيشنريءَ جو سامان خريد ڪيو ۽ـ ان مقصد لاءِ انفرادي طور تي عطيا گڏ ڪيا. ٻوڏ متاثرن علائقن جي ٻارن ۾ روزمره استعمال تي ٻڌل شين جا 17 هزار کان وڌيڪ پئڪيٽ ورهايا ويا، جن??ن سان متاثر ٻارن جي چهرن تي مُسڪراهٽ واپس اچي وئي. پاڪ فضائيه طرفان اهي ڪوششون ان ڳالهه جي عڪاسي آهن ته پاڪ فضائيه قوم جي سڏ ڪرڻ تي هميشه لبيڪ چي?? ۽ اهو ته پاڪ فضائيه قدرتي آفتن ۽ حادثن سبب متاثر ماڻهن جي تڪليفن کي گهٽ ڪرڻ ۽ امداد?? سرگرميون منعقد ڪرڻ ۾ هميشه اڳڀري رهي آهي.