لاهور – 12 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيرا??ظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته مسلم ليگ (ن) جو بيانيو کلي سامهون اچي ويو آهي، (ن) ليگ هڪ موروثي ۽ آمراڻي سوچ رکندڙ پارٽي اهي، جيل مان لکيل خط جو انجام به قطري خط جهڙو ٿيندو، وزيرا??ظم عمران خان جي صحيح معاشي پاليسين ت?? عالمي سطح تي اعتماد جو اظهار ڪيو پيو وڃي، نئين پاڪستان جو هڪ مثبت چهرو ڏسي رهي آهي، وزيرا??ظم جي سيڙپڪاري ۽ انڊسٽريلائيزيشن پاليسي کي پذيرائي ملي رهي آهي. هو مقامي هوٽل ۾ عالمي برانڊ ڪيسر جي افتتاح کان اڳ صحافين سان ڳالهائي رهي هئي.