پنڊداد خان – 25 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آه?? ته سال 2019ع ۾ ملڪي معيشت کي مستحڪم ڪيو، 2020ع ترقي ۽ خوشحالي جو سال هوندو، وزيراعظم بڻجڻ کانپوءِ پهرين ڏينهن قوم کي چيو هو ته توهان کي گهٻرائڻو ناهي، تبديلي ۽ سڌارن جي رستي ۾ سڀ کان وڏي رڪاوٽ اهڙيون مافيائون آه?? جنهن جو مفاد پراڻي ۽ ڪرپٽ نظام سان لاڳاپيل آه?? ۽ اهي ئي وڌيڪ گوڙ ڪندا آ??ن، اسان جي ڪنهن سان ذاتي دشمني نه آه??، اسان ملڪ کي بهتر ترقي ڪندي ڏسڻ چاهيون ٿا، اسان کي گڏجي ڪرپٽ مافياز کي شڪست ڏيڻي آه??، مودي جي والاريل ڪشمير ۽ هندوستان ۾ مسلمانن تي ظلمن جي خلاف اندر مان ماڻهو اٿي بيٺا آ??ن، عالمي ڌيان هٽائڻ لاءِ ڀارت طرفان امڪاني واردات کان پهرين ئي دنيا کي آگاهه ڪري ڇڏيو هو، پاڪستان جي هٿياربند فوج هر طرح جي صورتحال جو مقابلو ڪرڻ لاءِ تيار آه??، اهڙن خيالن جو اظهار هن 117 ڪلوميٽر ڊگهي جلال پور ايريگيشن ڪينال جو سنگ بنياد رکڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو.