اسلام آب??د ?? 25 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته مخال?? ڌر تنقيد سان گڏ تجويزون به ڏي، تنقيد براءِ تنقيد مسئلي جو حل نه آهي، سموريون سياسي پارٽيون حڪومت سان ڪ??هوڪلهي ۾ ملائي هلن، ڪرونا کي شڪست ڏيڻ جي لاءِ قومي هم آهنگي طرف وڃڻ جي ضرورت آهي. هو وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ بريفنگ دوران ڳالهائي رهي هئي. وزيراعظم جي خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو ته مخال?? ڌر اڳواڻ جو خطاب حسين خواهشن تي ٻڌل روڊ ميپ هو جيڪو ميديا ذريعي قوم آڏو پيش ڪري حڪومت کي هدايت ڏني وئي ته اهي قدم فوري طور تي کنيا وڃن.