اسلام آباد – 05 آگسٽ (اي پي پي) سينيٽ والاريل ڄمون ?? ڪشم??ر ۾ ڀارت جي غيرقانوني، غاصباڻي ۽ هڪطرفي قدم جو هڪ سال مڪمل ٿيڻ تي قرارداد جي اتفاق راءِ سان منظوري ڏئ?? ڇڏي آهي. سينيٽ جي اجلاس ۾ پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي اها قرارداد ايوان ۾ پيش ڪئي. قرارداد ۾ چيو ويو آهي ته سينيٽ آف پاڪستان والاريل ڄمون ?? ڪشم??ر ۾ انساني حقن جي خلاف ورزين ۽ 5 آگسٽ 2019ع تي ڀارت پاران والاريل ڄمون ?? ڪشمير جي آئيني حيثيت تبديل ڪرڻ جي لاءِ ڪيل غيرقانوني ۽ هڪطرفي قدم جو هڪ سال مڪمل ٿيڻ تي ڀارت جي غيرقانوني ۽ هڪطرفي قدم کي رد ڪرڻ کي ورجائي ٿو جنهن جو مقصد ڄمون ?? ڪشمير تي پنهنجي غيرانساني قبضي کي برقرار رکڻ آهي. هي ايوان زور ڏي ٿو ته ڀارت جو غيرقانوني قدم گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن، ٻطرفن معاهدن ۽ عالمي قانونن جي کليل خلاف ورزي آهي. هي ايوان ڀارتي حڪمران پارٽي بي جي پي پاران ڪوويڊ 19 جي عالمي وبا جو فائدو کڻندي والاريل ڄمون ?? ڪشم??ر ۾ نئون ڊوميسائيل قانون متعارف ڪرائڻ جي مذ??ت ڪري ٿو جنهن جو مقصد هندوتوا جي ايجنڊا کي اڳتي وڌائيندي خطي جي ڊيموگرافڪ اسٽرڪچر کي غيرقانوني طور تي تبديل ڪرڻ آهي. قرارداد ۾ چيو ويو آهي ته ڀارت جي واحد مسلمان اڪثريتي علائقي جي مسلمانن کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي لاءِ ڀارتي جو غيرقانوني قدم گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن، ٻطرفن معاهدن ۽ عالمي قانونن بشمول چوٿين جنيوا ڪنوينشن جي کليل خلاف ورزي آهي. قرارداد ۾ ڀارت جي هٿياربند فوج پاران ڪشميري نوجوانن کي جعلي مقابلن، ڇاپن ۽ تلاشين ۾ عدالت کان مٿانهون قتل ڪرڻ ۽ سينيئر ڪشميري اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي حراست ۾ وٺڻ ۽ قيد ڪرڻ جي قدمن جي پڻ سخت مذ??ت ڪئي وئي آهي.