اسلام آباد – 07 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان موسمياتي تبديلين جي اثرن جو مقابلو ڪرڻ لاءِ سمورن لاڳاپيل وفاقي ۽ صوبائي ادارن کي بهتر ڪوآرڊينيشن جي ضرورت تي زور ڏيندي برساتن ۽ ٻوڏن سان ٿي??دڙ نقصانن جو جائزو وٺڻ جي هدايت ڪئي آهي ته جيئن رليف سرگرمين کي وڌيڪ بهتر ۽ نقصانن جو از??لو ڪرڻ جي حوالي سان گڏيل طور تي حڪمت عملي جوڙي سگهجي. هو هتي نيشنل ڪوآرڊينيشن ڪميٽي براءِ فلڊز جي اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو، اجلاس ۾ اطلاعات ۽ نشريات وارو وزير سينيٽر شبلي فراز، مواصلات وارو وزير مراد سعيد، آبي وسيلن وارو وزير محمد فيصل واوڊا، اين ڊي ايم اي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل محمد اف??ل، اين ايڇ اي چيئر??ين?? فلڊ ڪميشن جو چيئر??ين?? ڊي جي ميٽرو لوجيڪل ڊپارٽمينٽ ۽ ٻيا سينئر آفيسر شريڪ هئا، صوبائي چيف سيڪريٽريز وڊيو لنڪ ذريعي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي.