ديامير – پهرين نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ديامير ڀاشا ڊيم ملڪ جي لاءِ اهم ترين منصوبو آهي، جتي ان ڊيم ??ان پاڻي ذخيرو ۽ بجلي ٺهندي اتي ان جي ڪري تربيلا ڊيم جي ڪارآمد مدي ۾ اضافو ٿيندو، روزگار جا موقعا ملندا ۽ معيشت وڌيڪ مستحڪم ٿيندي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا و??گ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار وزيراعظم عمران خان ديامير ڀاشا ڊ??م سائيٽ جي دوري ۽ ڪارڪنن ??ان ڳالهائيندي ڪيو. واپڊا چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل (ر) مزمل حسين وزيراعظم کي جاري ڪم جي حوالي ??ان بريفنگ ڏن??.