اسلام آباد – 20 – نومبر (اي پي پي) نگ??ان وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ اسلامي ملڪن تي زور ڏنو آهي ته اهي متحد ٿي اسرائيلي قابض فوج جي هٿان غزه ۾ بيگناهه شهرين تي تشدد ۽ وحشياڻي قت?? کي روڪرائڻ جي لاءِ عالمي برادري تي زور ڏين. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پا??ان جاري بيان موجب نگ??ان وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان پاڪستان ۾ گڏيل عرب امارات جي سفير حماد عبيد ابراهيم سالم الزابي وزيراعظم ??ائوس ۾ ملاقات ڪئي. اماراتي سفير ابوظهبي ۾ ايندڙ ڪوپ – 28 اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ نگ??ان وزيراعظم کي باضابطا دعوتنامو ڏنو. هن چيو ته پاڪستان موسمياتي تبديلي جي ??الهين ۾ اهم ملڪن مان هڪ آهي ۽ گڏيل عرب امارات کي اميد آهي ته پاڪستان ڪوپ – 28 جي ??اميابي کي يقيني بڻائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو. نگ??ان وزيراعظم گڏيل عرب امارات کي ان اهم عالمي موسمياتي تبديلي ڪانفرنس جي ميزباني تي مبارڪباد ڏني ۽ ان ۾ پاڪستان جي فعال شرڪت جي خاطري ڪرائي. ان موقعي تي ٻطرفي تعاون تي اڳڀرائي تي پڻ خيالن جي ??ي وٺ ڪئي وئي. نگ??ان وزيراعظم ??نهي ملڪن جي وچ ۾ مضبوط ۽ وسيع تر رابطن تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ توانائي، واپار ۽ سيڙپڪاري ۾ تعاون کي مضبوط بڻائڻ تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. غزه جي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه دو??ان نگ??ان وزيراعظم اسلامي ملڪن تي زور ڏنو ته اهي متحد ٿي اسرائيلي قابض فوج جي هٿان غزه ۾ بيگناهه شهرين تي تشدد ۽ وحشياڻي قت?? کي روڪرائڻ جي لاءِ عالمي برادري تي زور ڏين.