ڊيووس – 17 – جنوري (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ۽ سندس بيلجيئم جي هم منصب اليگزينڊرڊي ڪرووني ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ وڌندڙ واپاري ۽ اقتصادي لاڳاپن تي ??هري اطمينان جو اظهار ڪ??دي واپار، سيڙپڪاري، عالمي چرپر ?? لڏپلاڻ ۽ اعليٰ تعليم ۾ تعاون وڌائڻ تي اتفاق ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان ڊيووس ۾ عالمي اقتصادي فورمس جي موقعي تي بيلجيئم جي وزيراعظم اليگزينڊرڊي ڪرووني ملاقات ڪئ??. ٻ??هي اڳواڻن پاڪستان ۽ بيلجيئم جي وچ ۾ سفا??تي لاڳاپن جا 75 سال مڪمل ٿيڻ جو ذڪر ڪ??دي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ وڌندڙ واپاري ۽ اقتصادي لاڳاپن تي ??هري اطمينان جو اظهار ڪ??و. ملاقات ۾ ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ بيلجيئم جي وچ ۾ اعليٰ سطحي ڳالهه ٻولهه جي فروغ ۽ گڏيل دلچسپي جي مختلف شعبن خاص طور تي واپار، سيڙپڪاري، عالمي چرپر ?? لڏپلاڻ ۽ اعليٰ تعليم ۾ تعاون وڌائڻ تي اتفاق ڪيو. ملاقات ۾ عالمي ۽ علائقائي صورتحال تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.