اسلام آباد- 24 جن??ري (اي پي پي) نگران وفاقي وزير ڊاڪٽر گوهر اعجاز گهرو وزير جي عه??ي جو چارج سنڀالي ڪم شروع ڪري ڇڏيو. نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ نگران وفاقي وزير ڊاڪٽر گوهر اعجاز کي گهرو وزارت جو قلمدان ڏنو جن??ن بعد ڪابنيه ڊويزن نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو. نگران گهرو وزير، گهرو وزارت پهچي پنهنجي عه??ي جو چارج سنڀالي ورتو. گهرو وزارت آمد تي سينيئر عملدارن وفاقي وزير جو استقبال ڪيو. نگران گهرو وزير وزارت جي سينئر آفيسرن سان تعارفي ملاقات ڪئي. گهرو وزير کي گهرو وزارت ۽ ان جي ذيلي ادارن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. ڊاڪٽر گوهر اعجاز پاڪستان جو 48 هون وفاقي گهرو وزير آهي.