اسلام آباد – 11 – مارچ (اي پي پي) صدر آصف ع??ي زرداري عوامي نيشنل پارٽي جي سربراهه اسفند يار ولي جي گهرواريءَ جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي انهن جي گهرڀا??ين سان تعزيت جو اظهار ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري تعزيتي بيان ۾ صدر آصف ع??ي زرداري چيو ته ڏک جي هن گهڙيءَ ۾ منهنجون همدرديون ۽ دعائون ??وڳ??ارن سان گڏ آهن. صدر وارثن سان همدرديءَ جو اظهار ڪندي مرحومه جي مغفرت جي لاءِ دعا ڪ??ي ۽ ??وڳ??ارن جي لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي.