اسلام آباد – 04 – مارچ (اي پي پي) عهدو ڇڏيندڙ نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ کي الوداعي گارڊ آف آنر پيش ڪ??و ويو جڏ??ن ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي عهدو ڇڏيندڙ نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان الوداعي ملاقات ٿي. هٿياربند فوج جي دستي پاران نگران وزيراعظم جي اعزاز ۾ وزيراعظم هائوس ۾ منعقد تقريب ۾ الوداعي گارڊ آف آنر پيش ڪ??و ويو. ان موقعي تي قومي ترانو پڻ وڄايو ويو. انوارالحق ڪاڪڙ هٿياربند فوج جي دستي پاران گارڊ آف آنر جو معائنو ڪيو ۽ وزيراعظم آفيس جي عملي سان الوداعي هٿ ملايو. ان کان اڳ وزيراعظم محمد شهباز شريف پنهنجي آفيس پهتو ته عهدو ڇڏيندڙ نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سندس ش??ند??ر استقبال ڪيو. هن نگران وزيراعظم سان الوداعي ملاقات ڪئي. وزيراعظم محمد شهباز شريف نگران وزيراعظم کي الوداعي گارڊ آف آنر پيش ڪرڻ کانپوءِ وزيراعظم هائوس مان رخصت ڪيو.