اسلام آباد – 07 – مارچ (اي پي پي) پاڪستان ۽ تنزا??يه 12 مارچ تي دارالسلام ۾ ٻطرفي سياسي مشاورت ج?? افتتاحي اجلاس منعقد ڪندا. اها ڳالهه پرڏيهي آفيس جي ??رج??ان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ ٻڌائي. ڳالهين ۾ ايڊيشنل پرڏيهي سيڪريٽري (آفريقا) شهريار اڪبر پاڪستاني وفد جي قيادت ڪندو جڏهن ته تنزا??يه جي وفد جي قيادت پرڏيهي وزارت ۽ اوڀر آفريقي تعاون جي ڊائريڪٽر ايشيا سالواتور ايمبيليني ڪندو. ??رج??ان چيو ته پاڪستان ۽ تنزا??يه جي وچ ۾ گڏيل احترام ۽ اعتماد تي ٻڌل ويجها ۽ خوشگوار لاڳاپا آهن. تنزا??يه آفريقي کنڊ ۾ پاڪستان جو هڪ اهم واپاري حصيدار آهي. ٻطرفي سياسي مشاورت جي شروعات ٻطرفن لاڳاپن کي بهتر بڻائڻ جي اسان جي گڏيل خواهش کي ن??ر ۾ رکندي ٿي آهي. هن چيو ته ٻطرفي سياسي مشاورت پاڪستان ۽ تنزا??يه جي وچ ۾ مشغوليت ۽ ڳالهه ٻولهه جي لاءِ هڪ اهم اداراجاتي فريم ورڪ طور تي ڪم ڪندو. هن چيو ته ٻئي ڌريون ٻطرفن لاڳاپن جي سمورن رخن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪنديون، تعاون جون نيون راهون ڳولينديون ۽ علائقائي ۽ عالمي اڳڀرائي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪنديون.