راولپنڊي – 00 – مارچ (اي پي پي) خاتون اول بيگم ثمينه علوي چيو آهي ته عورتن کي بااختيار بڻائڻ ڪنهن به ملڪ جي سماجي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ لازمي آهي. ڪنهن به قوم جي استحڪام کي يقيني بڻائڻ ۾ عورتن جو ڪردار انتهائي اهميت رکندڙ آهي. تعليم ۽ معاشي خودمختياري ئي عورتن جي صحيح معنيٰ ۾ آزادي ۽ ترقي جي ضامن آهي. اسان جي مذهب اسلام عورتن کي مڪمل حق ڏنا آهن ۽ هاڻي اها اسان جي ذميواري آهي ته اسان عورتن کي معاشري ۾ انهن جو جائز مقام ۽ تحفظ ڏياريون. هو راولپنڊي وومين يونيورسٽي ۾ ايس او ايس فائونڊيشن جي حصيداري سا?? عورتن جي عالمي ڏينهن جي مناسبت سا?? ”صنفي برابري جي ذريعي معاشي طور تي اختيار“ جي عنوان سا?? سيمينار کي خطاب ڪري رهي هئي. خاتون اول بيگم ثمينه علوي چيو ته مون کي خوشي آهي ته راولپنڊي وومين يونيورسٽي نه رڳو اسان جي نوجوان عورتن کي تعليم جي مدد سا?? بااختيار ڪري رهي آهي پر انهن کي اهم اقتصادي سماجي ايشوز تي آگاهي پڻ ڏئي رهي آهي، اميد آهي ته سڀ گڏجي ان مقصد جي لاءِ ڪم ڪندا رهندا. هن چيو ته عورتن جو عالمي ڏينهن اسان کي ان ڳالهه جو موقعو فراهم ڪري ٿو ته اسان ان ڳالهه جو جائزو وٺون ته عورتن جي حقن جي حوالي سا?? هيستائين اسان جي ملڪ ۾ ڪهڙي اڳڀرائي ٿي آهي ۽ اڃان اسان کي وڌيڪ ڪهڙن شعبن ۾ ڪم ڪرڻو آهي. هن چيو ته اسان کي ان ڳالهه تي غور ڪرڻو پوندو ته اسان پ??ڪس??ان ۾ عورتن جي حقن ۽ پبلڪ لائيف ۾ انهن جي شموليت جي راهه ۾ ايندڙ رڪاوٽون ختم ڪرڻ جي لاءِ ڪهڙا قدم کڻي سگهون ٿا. هن چيو ته هن وقت پ??ڪس??ان ۾ آبادي جي لحاظ سا?? عورتن جو تناسب اٽڪل 50 سيڪڙو آهي پر مختلف شعبن ۾ عورتن جي شموليت اڃا به گهٽ آهي. اسان کي عورتن کي بااختيار بڻائڻ جي لاءِ اڃا هڪ ڊگ??و سفر طئي ڪرڻو آهي. هن چيو ته ورلڊ اڪنامڪ فورم جي سا?? 2023ع جي رپورٽ موجب پ??ڪس??ان گلوبل جينڊر گيپ جي لحاظ سا?? 146 ملڪن مان 142 هين نمبر تي آهي. اها هڪ ڳڻتي جوڳي صورتحال آهي. هن چيو ته قائداعظم محمد علي جناح عورتن جي شموليت ۽ انهن کي بااختيار بڻائڻ جو حامي هو. اهڙي طرح اسان کي پنهنجي اسلامي تاريخ ۾ ڪيترين ئي عورتن جو مثال ملي ٿو جيڪي اسان سڀني جي لاءِ آئيڊيل جي حيثيت رکن ٿيون. حضرت خديجه رضه هڪ ڪامياب ڪاروباري عورت هئي. ان کانسواءِ پ??ڪس??ان جي تاريخ ۾ اسان کي فاطمه جناح، بيگم رعنا لياقت علي خان، محترمه بينظير ڀٽو سميت ٻين ڪامياب عورتن جا مثال ملن ٿا جن عملي زندگي ۾ پنهنجي لاءِ هڪ نمايان مقام حا??ل ڪيو. هن چيو ته مختلف شعبن ۾ عورتن جون خدمتون ان ڳالهه جو ثبوت آهن ته عورتون به محنت ۽ لگاءُ سا?? ڪم ڪري ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهن ٿيون. هن چيو ته پ??ڪس??ان عورتن جي ترقي ۽ خوشحالي ۽ معاشري ۾ انهن جي شموليت جي لاءِ مختلف قدم کنيا آهن. تازو ئي پ??ڪس??ان عورتن جي آنرشپ رائيٽس جي لاءِ پراپرٽي رائيٽس ايڪٽ پڻ پاس ڪيو آهي. ان ايڪٽ جي مدد سا?? اسلام آباد ۽ ان جي علائقن ۾ عورتن جي ملڪيتن جو تحفظ ڪرڻ ۽ انهن تي غيرقانوني قبضو انتهائي گهٽ وقت ۾ ڇڏرائڻ ۾ مدد ملي آهي. اهڙي طرح پ??ڪس??ان ڪم جي جڳهه تي هراسمنٽ جي خاتمي لاءِ وفاقي محتسب پڻ قائم ڪيو آهي جنهن سا?? ڪم جي جڳهه تي عورتن جي شموليت وڌائڻ ۽ انهن کي هڪ محفوظ ماحول فراهم ڪرڻ ۾ مدد ملي آهي. اهڙي طرح عورتن جي معاشي ۽ مالي خودمختياري ۾ مدد ڏيڻ جي لاءِ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جو قيام به عمل ۾ آندو ويو هو. پر انهن سمورن قدمن سا?? گڏوگڏ اسان کي عورتن کي ملڪ ۾ هڪ محفوظ ماحول فراهم ڪرڻ، مختلف شعبن ۾ انهن جي شموليت کي يقيني بڻائڻو پوندو. هن چيو ته عورتن جي صحت جي حوالي سا?? بريسٽ ڪينسر هڪ تمام وڏو چئلينج آهي. هر سا?? سڄي دنيا ۾ ڪيتريون ئي عورتون ان ڪينسر جي ڪري پنهنجي حياتي وڃائي ويهن ٿيون. جيڪڏهن بريسٽ ڪينسر جي جلد تشخيص ٿي وڃي ته ان بيماري کان بچڻ جا امڪان وڌي وڃن ٿا. ڪجهه عرصو اڳ پ??ڪس??ان ۾ ان موضوع تي ڳالهه ڪرڻ ۾ هٻڪ محسوس ڪئي ويندي هئي ۽ ان بيماري تي ڪو خاص ڌيان نه پئي ڏنو ويو، پر هاڻي اسان جي آگاهي مهم جي ڪري ان مرض جي علامتن، ان جي وقت سر تشخيص ۽ علاج بابت کلي ڳالهه ڪئي پئي وڃي. اها هڪ انتهائي خوش آئنده ڳالهه آهي. ان کانسواءِ اسان کي ذهني صحت جي مسئلي تي پڻ ڪم ڪرڻو پوندو. ڪيترين ئي عورتن کي مختلف مسئلن جي ڪري ذهني صحت جي ايشوز کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. اها افسوس جي ڳالهه آهي ته پ??ڪس??ان ۾ ان مسئلي کي سنجيدگي سا?? نه ٿو ورتو وڃي. ماڻهن ۾ نه رڳو ان بابت آگاهي جي کوٽ آهي پر پ??ڪس??ان ۾ تربيت يافته پروفيشنلز جي پڻ شديد کوٽ آهي. هن چيو ته خصوصي ماڻهو اسان جي آبادي جو اٽڪل 10 کان 12 سيڪڙو حصو آهن، وڌيڪ اهو ته خصوصي ماڻهن کي تعليم تائين به پهچ نه ٿي ملي ۽ اهي خصوصي اسڪولن ۾ تعليم حا??ل ڪن ٿا جنهن جي ڪري ڪجهه خصوصي ماڻهو پاڻ کي معاشري کان جدا محسوس ڪرڻ شرو ڪري ڇڏين ٿا. تعليم ۽ اسڪلز نه هجڻ جي ڪري معذوري رکندڙ ماڻهن کي اعليٰ تعليم حا??ل ڪرڻ ۽ روزگار ۾ پڻ مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. آئون اڄ هن پليٽ فارم جي مدد سا?? سموري معاشري، سرڪاري ۽ نجي ادارن ۽ ڪاروباري برادري کي اپيل ڪنديس ته اهي خصوصي ماڻهن جي آساني جي لاءِ سمورين عوامي جاين ۽ بازارن ۾ محفوظ ۽ وهيل چيئر جي لاءِ استعمال جوڳا ريمپ تعمير ڪن ته جيئن اهي روزاني جي سرگرمين ۾ شامل ٿي سگهن. تقريب جي پڄاڻي تي خاتون اول بيگم ثمينه علوي مختلف گيمز ۾ نمايان پوزيشن حا??ل ڪندڙ شاگردن ۾ ميڊلز ۽ انعام ورهايا.