اسلام آباد– 04 – اپريل (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جي سيڪريٽري شاهيره شاهد جي قيادت ?? وفد نيشنل انفارميشن ٽيڪ??ال??جي بورڊ (اين آءِ ٽي بي) جو دورو ڪيو جتي اين آءِ ٽي بي جي سي اي او بابر مجيد ڀٽي ۽ سندس ٽيم وفد جي آجيان ڪئي. ان دوري ۾ نيشنل انفارميشن ٽيڪ??ال??جي بورڊ جي سي اي او بابر مجيد ڀٽي آپريشنز بابت هڪ جامع بريفنگ ڏ??ي. ??فد ڊيٽا سينٽر جو دورو پڻ ڪيو. اين آءِ ٽي بي ۽ اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جي وچ ۾ تعاون جي امڪاني شعبن ۾ نتيجاخيز ڳالهه ٻولهه ٿي. انهن گڏيل ڪوششن جو مقصد ٻنهي ادارن جي صلاحيتن کي وڌيڪ فائدمند بڻائڻ آهي. ان موقعي تي جي ٽو بي ۽ جي ٽو جي ۽ جي ٽو سي تي پڻ تفصيل سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. دوري جي موقعي تي مختلف ادارن جي لاءِ ٺاهيل ڊيولپمينٽ ايپليڪيشنز بابت پڻ بريفنگ ڏني وئي ۽ ايپليڪيشن جي استعمال جو طريقو پڻ ٻڌايو ويو. دوري جي موقعي تي ٻنهي ادارن مستقبل ۾ پڻ گڏجي ڪم ڪرڻ جو عزم ظاهر ڪيو.