اسلام آباد – 15 – اپريل (اي پي پي) ??در آصف علي زرداري مجلس شوريٰ (پارليامينٽ) جو گڏيل اجلاس 18 اپريل خميس ڏينهن ٽپهر 4 وڳي طلب ڪ??و آهي. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ موجب صدر پ??رليامينٽ جو گڏيل اجلاس گهرائڻ جي منظوري آئين جي آرٽيڪلز 54 (1) ۽ 56 (3) تحت مليل اختيارن کي استعمال ۾ آڻيندي طلب ڪ??و آهي. 16 اپريل تي طلب ڪ??ل پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس جو نوٽيفڪيشن رد ڪيو ويو آهي. واضح رهي ته پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي ??در جو خطاب هر پ??رلياماني سال جي شروعات تي آئيني گهرج آهي.