رياض -28 اپريل (اي پي پي) پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار مختلف عالمي مسئلن جي حل لاءِ عالمي سهڪار جي ضرورت تي زور ڀريو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان طرفان جاري پڌرائي مطابق پرڏيهي وزير رياض ۾ عالمي، سلامتي ۽ ترقي جي ايجن??ا کي جوڙڻ جي حوالي سان منعقد اجلاس ۾ شرڪت ڪئي ۽ ڪيترن ئي عالمي مسئلن جي خاتمي لاءِ عالمي سهڪار جي وسعت تي به روشني وڌي. هن موسمياتي تبديلي، مستقبل جي وبائي مرضن لاءِ تياري ۽ آرٽيفيشل انٽيليجنس لاءِ ??ورننس جي نظام تي به زور ڀريو. هن علائقائي رابطا وڌائڻ ذريعي عالمي اقتصادي ترقي کي بحال ڪرڻ لاءِ ??کڻ ايشيا جي بي پناهه صلاحيتن کي به اجاگر ڪيو.