اسلام آباد – 15 آگسٽ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر ??يو آهي ته خصوصي ماڻهن جي بنيادي حقن جو خيال رکڻ معاشري جي هر شخص جي ذميواري آهي. هن اها ڳالهه پاڪستان سوئيٽ هوم جي خصوصي ٻارن جي تقريب ۾ شرڪت جي موقعي تي چئي. اسپيڪر خصوصي تقريب ۾ گهرائڻ تي انتظاميا جا ٿورا مڃيا ۽ ??يو ته پاڪستان سوئيٽ هومز کي مڪمل تعاون فراهم ڪيو ويندو. هن ??يو ته هو شوڪت خانم جو چندو گڏ ڪرڻ جي مهم ۾ عمران خان سان گڏ رهيو آهي، بحيثيت ??ما??ي ڪارڪن عمران خان جي قافلي ۾ شامل ٿيس، قومي اسيمبلي کان وڏو ڪو فورم نه آهي ۽ خصوصي ماڻهن بابت هڪ خصوصي ڪميٽي قائم ڪئي وئي آهي. اسپيڪر معاشري جي معاشي طور تي ڪمزور طبقن جي لاءِ قدمن کي ساراهيو ۽ ??يو ته وزيراعظم جو احساس پروگرام ساراهه جوڳو آهي، پناهگاهه جي پروگرام سان ڪير بکيو نه سمهندو. اسپيڪر ??يو ته هو هڪ عام ماڻهو آهي ۽ الله کيس تمام گهڻي عزت ڏني، سياستدان جيڪڏهن پنهنجي ماڻهن جي لاءِ سياست ڪن ته اسان جي قوم ترقي ڪندي. اسپيڪر ??يو ته اسان ج?? ماڻهو سڀ کان وڌيڪ خيرات ۽ عطيو ڏيندڙ ماڻهو آهن ۽ اعتماد بحال ٿيڻ تي اسان ج?? ماڻهو تيڪس به ڏيندا. هن ??يو ته اسٽريٽ چلڊرن جي لاءِ وزيراعظم عمران خان سان سندس ڳالهه ٿي آهي. اسٽريٽ چلڊ??ن کي بهتر تعليم ۽ تربيت ڏني ويندي. اسپيڪر ??يو ته خصوصي ماڻهن جي بنيادي حقن جو خيال رکڻ معاشري جي هر شخص جي ذميواري آهي. خصوصي ماڻهن کي معاشري ۾ باعزت مقام ڏيارڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيو آهيان.