نيويارڪ – 23 – سيپٽمبر (اي پي پي) آمريڪي صدر جو بائيڊن پاڪستان ۾ ٻوڏ کانپوءِ مشڪل انساني صورتحال ۾ پاڪستان جي مدد جاري رکڻ جي عزم جو اظهار ڪيو آهي جڏهن ته وزيرا??ظم محمد شهباز شريف ٻوڏ متاثرين جي مد?? لاءِ عالمي برادري جي نالي پيغام ۽ پاڪستان جي حمايت تي آمريڪي صدر جا ٿورا مڃيا. وزيرا??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان م??جب وزيرا??ظم شهباز شريف جي آمريڪي صدر جو بائيڊن سان م??اقات ٿي، اها ملاقات گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 77 هين اجلاس جي موقعي تي ٿي. ملاقات ۾ آمريڪي صدر جو بائيڊن پاڪستان ۾ تباهي آڻيندڙ ٻوڏ ۾ سوين فوتگين تي افسوس ۽ متاثر خاندانن سان همدردي جو اظهار ڪي??. و??يرا??ظم شهباز شريف آمريڪي صدر پاران افسوس ۽ همدردي جي اظهار تي ان جا ٿورا مڃيا. وزيرا??ظم ٻوڏ متاثرين جي مد?? لاءِ عالمي برادري جي نالي پيغام ۽ پاڪستان جي حمايت تي آمريڪي صدر جا خاص طور تي ٿورا مڃيا. وزيرا??ظم آمريڪا جي عالمي ترقي واري اداري (يو ايس ايڊ) جي سربراهه جي پاڪستان جي دوري ۽ امداد موڪلڻ تي پڻ آمريڪي حڪومت ۽ عوام جا ٿورا مڃيا.