اسلام آباد -29 سيپٽمبر (اي پي پي) اسلام آباد ه??ءِ ڪورٽ پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي نائب صدر مريم نواز ۽ ڪيپٽن (ر) محمد صفدر جي سزا خلاف اپيلن جي منظوري جو حڪم نامو جاري ڪندي کين ايون فيلڊ ريفرنس مان باعزت بري ڪري ڇڏيو آهي، عدالت طرفان ٻن ??فحن تي ٻڌل لکت واري حڪم نامي ۾ چيو وي?? آهي ته مريم نواز ۽ ڪيپٽن صفدر خلاف اپيلون منظور ڪيون ويون آهن، مريم نواز ۽ ڪيپٽن صفدر جي سزا جو احتساب عدالت جو حڪم غير قانوني قرار ڏنو وي?? آهي، مريم نواز ۽ ڪيپٽن صفدر کي سمورن الزامن مان بري ڪيو وڃي ٿو، مريم نواز ۽ ڪيپٽن صفدر جي اپيلن تي تفصيلي فيصلو بعد ۾ جاري ڪيو وي??دو.