اسلام آباد – 02 – ڊسمبر (اي پي پي) ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي سي سي) ويليو ايڊيڊ روانگي واپار جي فروغ لاءِ سوتي ڌاڳي تي 30 جون 2021ع تائين 5 سيڪڙو درآمدي ريگيوليٽري ڊيوٽي ختم ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي، اجلاس ۾ اين ايڇ اي جي ريوينيو ۾ اضافي جي لاءِ روڊ ميپ جي تياري جي ڏس ۾ منصوبابندي واري وزير اسد عمر جي قيادت ۾ هڪ ذيلي ڪميٽي قائم ڪئي وئي آهي. اي سي سي لاجسٽڪ ڪميٽي کي هدايت ڪئي آهي ته کنڊ ۽ ڪڻڪ آڻ??ندڙ جهازن جي برٿنگ کي ترجيح ڏني وڃي ج??هن ته ان ڳالهه جو به خيال رکيو وڃي ته ان سان ٻيو درآمدي مال متاثر ن?? ٿئي. ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي جو اجلاس وزيراعظم جي ناڻي ۽ اوڳاڙين واري صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحف??ظ شيخ جي صدارت ۾ ڪابينا ڊويزن ۾ ٿ??و.